اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ قيادت کي پهريان به ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهيان.
هن چيو ته اسيمبلي فلور تي به پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني، کين هڪ ڀيرو ٻيهر دعوت ڏيان ٿو، پر جائز مطالبن تي ئي ڳالهيون ٿينديون، ڳالهين جي آڙ ۾ بليڪ ميلنگ نه هلندي.
وزيراعظم چيو ته ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياسي پارٽين ۾ هم آهنگي هئڻ گهرجي، ملڪ کي اڳتي هلڻ گهرجي ۽ حڪومت ان لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.
You might also like