ايم-9 موٽر وي ۽ نيشنل هاءِ وي جي حالت خراب، اختيارين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورثر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سليم جيسر ۽ جسٽس نثار احمد ڀنڀرو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ايم-9 موٽر وي ۽ سنڌ جي نيشنل هاءِ ويز جي خراب حالت ۽ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن خلاف داخل ڪيل آئيني درخواست تي ٻڌڻي ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواست گذار صفيا لاکو پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايم-9 موٽر وي ۽نيشنل هاءِ ويز جي خراب حالت، ٽريفڪ جي ناقص نگراني ۽ حفاظتي انتظامن جي کوٽ سبب انساني جانيون خطري ۾ آهن، جڏهن ته تازن حادثن ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن، درخواست ۾ اهو پڻ چيو ويو ته سنڌ جا ٽول پلازا نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاءِ وڏي آمدني جو ذريعو آهن، پر روڊن جي مرمت ۽ حفاظتي قدمن ۾ نمايان کوٽ موجود آهي، درخواست گذار جي وڪيل حبيب الرحمان جسڪاڻي ايڊووڪيٽ عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته خراب روڊ انفراسٽرڪچر، ٽريفڪ جي غير موثر ڪنٽرول ۽ نگراني جي کوٽ سبب حادثن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ لاڳاپيل ادارن کي جوابدار بڻائڻ ضروري آهي، عدالت شروعاتي دليل ٻڌڻ بعد چيئرمين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي اسلام آباد، جنرل منيجر اين ايڇ اي سنڌ ريجن ڪراچي، انسپيڪٽر جنرل نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس اسلام آباد ۽ انسپيڪٽر جنرل ٽريفڪ پوليس کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 مارچ 2026 تي مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.