تل ابيب(عوامي آواز نيوز)ڀارتي وزيراعظم مودي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسرائيل پهچي ويو آهي، تل ابيب ايئرپورٽ تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سندس آجيان ڪئي، ان موقعي تي مودي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ايڪس” تي لکيو ته کيس اسرائيل پهچڻ تي اهو اعزاز حاصل ٿيو جو وزيراعظم نيتن ياهو ۽ سندس گهرواري پاڻ استقبال لاءِ موجود هئا۔هن دوري دوران ڀارت ۽ اسرائيل وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون ٻئي پاسي اسرائيل جي اپوزيشن پارليامينٽ ۾ مودي جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪيو،سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پارليامينٽ ۾ دعوت نه ڏيڻ تي اپوزيشن احتجاج ڪيو،خالي ڪرسيون ڀرڻ لاءِ اڳوڻا قانون ساز ايوان ۾ آندا ويا ٻئي پاسي فوربز انڊيا موجب ڀارت اسرائيل سان لڳ ڀڳ 8.6 بلين آمريڪي ڊالرن جا دفاعي معاھدا ڪرڻ وارو آهي۔هنن معاھدن تحت ڀارت SPICE 1000 پرسيزن گائيڊڊ بم، هوا کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائل، بيلسٽڪ ميزائل ۽ آئيس بريڪر ميزائل سسٽم خريد ڪندو۔اهي معاھدا ڀارت ۽ اسرائيل وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو قرار ڏنا پيا وڃن۔