ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ سوين ماڻهن جو امن مارچ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي/ عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ جاري ڪيترن ئي قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سڏ تي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميتسوين ڪارڪنن طرفان سٽي پارڪ کان پريس ڪلب تائين امن مارچ ڪيو ويو ان دوران امن جي ڌرتي امن گھري ٿي، سنڌ لاءِ ناسور بڻيل قبيلائي تڪرار ختم ڪريو، بيگناھه شھرين جو قتل وعام بند ڪيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، امن مارچ کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس يو پي ضلعي صدر ظريت ساگر بجاراڻي، شاھنواز مرھيٽو، رحمدل لاشاري، ڇوٽو جکراڻي، اصغر شيخ، غلام علي سبزوئي، جي يو آءِ جي سيد سھيل شاهه، احمد پٺاڻ، جسم جو غلام عباس باجڪاڻي، جماعت اسلامي اڳواڻ غلام مصطفيٰ ميراڻي، عبيد الله ميرالي، ايس ٽي پي جو جيوڻ خان سبزوئي، قمرالدين سھرياڻي ۽ ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي اندر ڪيترين ھي برادرين ۾ خوني قبيلائي تڪرار ھلي رھيا آهن جنھن سبب بيگناھه انسانن جو قتل وعام ٿي رھيو آهي ۽ ڌريون خوني تڪرارن سبب پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۽ علائقن تائين محدود ٿي وڃن ٿيون جنهن ڪري انھن جا ٻار علم جي روشني کان محروم آهن علائقو بدامني جي وڙھه چڙھي وڃي ٿو جھڙيندڙ ڌريون مجبورن ھٿيار کڻي ھٿيارن سان زندگي گذارڻ تي مجبور آهن انھي ڪري ھي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن جنھن ڪري جھڙيندڙ ڌرين جي سردارن، معززين، مقدمن ۽ چڱن مڙسن کي گھرجي ته پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪري جھڙيندڙ ڌرين کي ٺاھه لاءِ راضي ڪرڻ تي پابند ڪن، سنڌ سرڪار، علائقا جا چونڊيل نمائندا ۽ ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو کي گھرجي ته قبيلائي تڪرارن جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪن جئين علائقي ۾ امن امان بحال ٿي سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.