ڪراچي (رپورٽر) ناميارو پاڻي ماهر ۽ اڳوڻو آبپاشي سيڪريٽري محمد ادريس راجپوت 85 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ويو. ادريس راجپوت ڊگهي عرصي کان بيمار هو ۽ ڪراچي ۾ گذري واري گهر ۾ وفات ڪئي. مرحوم جي جنازي نماز ڊفينس جي شفقت مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. ادريس راجپوت 20 نومبر 1941 تي ديندار راجپوت جي گهر ۾ جنم ورتو. هو سنڌو درياهه تي ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ سرڪاري ملازم رهيو. شروعاتي تعليم هن ٽنڊو الهيار ۽ قمبر ۾ حاصل ڪئي، جتي ميٽرڪ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1961ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر سائنس ۾ فرسٽ ڊويزن حاصل ڪئي ۽ 1969ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ فرسٽ ڪلاس ۽ گولڊ ميڊل سان ڊگري ماڻي. ادريس راجپوت 1966ع ۾ پاڻي وسيلن واري کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر طور شامل ٿيو، 1970ع ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ بعد ۾ صوبائي سيڪريٽري جي عهدي تي ترقي حاصل ڪئي. 2001ع ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، هن سنڌ جي پاڻي جي مسئلن تي کليل طور تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو. هو گريٽر ٿل ڪئنال، ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌو درياهه جي ڪاز لاءِ سرگرم رهيو. محمد ادريس راجپوت سنڌ جو ميمبر پڻ رهيو ۽ 1991ع جي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ پاڪستان جي حڪومت کي خط لکندو رهيو. هن پنهنجي مضمونن ۽ لکڻين ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي جي وسيلن جي اهميت ۽ تحفظ بابت آگاهه ڪيو. محمد ادريس راجپوت جي وفات سان پاڻي ۽ سنڌو درياهه جي معاملن ۾ هڪ وڏي شخصيت وڃائجي وئي، پر سندس خدمتون ۽ جدوجهد هميشه ياد رکيون وينديون.