پاڪستان جي ملٽري ڪارڪردگي ٽرمپ کي حيران ڪري ڇڏيو: واشنگٽن ٽائمز

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي رسالي واشنگٽن ٽائمز 2025ع کي پاڪ آمريڪالاڳاپن ۾ انقلابي تبديلي جو سال قرار ڏيندي اهم انڪشاف ڪيا آهن. آرٽيڪل موجب صدر ٽرمپ جي پاليسي ۾ حيران ڪندڙ تبديلي آئي آهي ۽ واشنگٽن جي انڊيا فرسٽ سوچ ختم ٿي پاڪستان کي ترجيح ملي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته مئي ۾ ٿيل پاڪ ڀارت جنگ آمريڪي پاليسي شفٽ جو بنيادي سبب بڻجي. واشنگٽن ٽائمز موجب پاڪستان اڻوڻندڙ رياست مان اهم ڀائيوار ملڪ بڻجي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي فوجي ڪارڪردگي، ڊسپلن ۽ حڪمت عملي ٽرمپ کي متاثر ڪيو. آرٽيڪل ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي ٽرانزيڪشنل کان اسٽرٽيجڪ مرحلي ڏانهن ويندڙ قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.