سکر(رپورٽر) روهڙي ڀرسان ڳوٺ ڊپٽي ساوند ۾ چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ دلاور ڊپٽي ساوند ۾ چور هڪ گهر ۾ گهڙي اتي ٻڌل ڳئون ڪاهي فرار ٿي رهيا هئا ته گهر وارا جاڳي پيا ۽ مزاحمت ڪئي، ان تي هٿياربند چورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو عبدالشڪور ساوند ۽ 40 ورهين جو مختيار ساوند گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته 21 ورهين جو محمد صديق ساوند زخمي ٿي پيو، پوليس موقعي تي پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي کي فوري طور روهڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، ٻئي طرف واقعي کان پوءِ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ ڏي وٺ ٿي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ هٿياربند جوابدار مارجي ويو، پوليس سندس لاش تحويل ۾ وٺي هٿيار به هٿ ڪري ورتا، سکر جي ايس ايس پي اظهر مغل رابطو ڪرڻ تي جوابدار جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي چيو ته جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي ۽ انشاءُ الله باقي جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، پوليس آپريشن دوران علائقي ۾ ڏوهاري عنصرن جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي ۽ باهيون ڏئي ڇڏيون آهن.