حيدرآباد: اياز ميلي ۾ نامياري ليکڪ قاضي آصف جي ڪتاب “سنڌ ٽين ايئر بيفور پاڪستان ڪتاب” تي ويهڪ ٿي. محمد علي شيخ چيو ته ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي سياسي پسمنظر کي سمجهڻو پوندو، هن چيو ته 1937 کان وٺي 1947 جو دور تاريخ جو اهم دور هو، جنهن ۾ هڪ اسيمبلي وجود ۾ اچي ٿي ۽ اليڪشن ٿئي ٿي. نامياري ليکڪ ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته ڪتاب ۾ حر، پير پاڳاري، انڊين پبلڪيشن جي باري ۾ هن ڪتاب ۾ تفصيل موجود آهن، اهم موضوع ليبر، اسٽرائيڪ، اسيمبلي بلس ۽ ايڪٽس جي ڳالهه ڪتاب ۾ موجود آهي، سيڪنڊ ورلڊ وار، ايمرجنسي ۽ قدرتي آفتن جي بابت به تفصيل موجود آهي. ليکڪ ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو چيو ته اڳ جي ۽ هن وقت جي سياستدانن ۾ زيرو فرق آهي، هڪ دور ۾ 10 سالن ۾ 5 وڏا سياسي قتل ٿيل هئا، جن جو ڪڏهن به ذڪر ناهي ٿيندو. ڀڳت ڪنور رام، ايس ايم پماڻي، پيرومل ميول داس، پير صبغت الله شاهه، الله بخش سومرو، سيٺ سيتلداس جي قتل جون پاڙون مسلم ليگ جي سياست، مارشل لا ۽ ان دور جي ڪمزور حڪمراني ۾ آهن. هن چيو ته جن کي اسين چڱو ڪري پيش ڪندا آهيون، ڪتاب جي ليکڪ قاضي آصف چيو ته گورنر جڏهن سنڌ جي نمائندگي ڪن ٿا، ڪيترين ئي خرابين جي باوجود سنڌ جي حقن جو معاملو اچي ٿو ته ائين اٿي بيهن ٿا جيئن اسين سوچيون ٿا، زمين جو معاملو هجي ٿو، پير پاڳاري جي شهاديت کان پوءِ ملڪيت تي وفاق جو قبضو هجي، ان جي زمين يا ملڪيت وفاق کڻڻ چاهي ٿو ته اهي اٿي بيٺا ۽ پنجاب سنڌ ۾ پاڻي جو معاملي تي هنن جو موقف زبردست رهيو آهي، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ٿيڻ واري معاملي ۾ هتان جي گورنر وفاق آڏو سخت موقف رکيو، سڀني غلطين جي باوجود جڏهن سنڌ جي مفادن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اهي اٿي بيهن ٿا.