حيدرآباد (رپورٽ: امتياز چانڊيو) ملڪ جي ناميارن دانشورن، ليکڪن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن چيو آھي ته ميثاق جمھوريت سان جمھوريت جي ٿڌي ھوا گھلندي محسوس ٿي هئي پر ھائبرڊ نظام آڻي ملڪي سياست جي شڪل تبديل ڪئي وئي، عوامي سياست، جمھوريت، آزاد صحافت، آئين ۽ قانون جي ڳالهھ ڪرڻ کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو وڃي ٿو، بلوچستان اسيمبلي ۽ سي ايم ھائوس سميت سينيٽ ۽ پارليامينٽ چيمبر آف ڪامرس بڻجي ويا آهن، سنڌ سميت چارئي صوبا تاريخي وحدتون ۽ آزاد رياستون رھيون آھن، انهن ئي چئني وحدتن پاڪستان کي ٺاهيو آهي، ملڪي آئين ۾ نوان صوبا ٺاھڻ جو اختيار وفاق کي نه پر صوبائي اسيمبلين کي مليل آهي. اھڙو اظھار ھنن اياز ميلي جي ٻئي ڏينھن تي “سانگ سياست جا” جي موضوع تي ٿيل ويھڪ ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ويهڪ دوران ڳالهائيندي انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ منيزي جھانگير چيو ته هتي جمھوري قدرن لاءِ ماڻھن ڊگھي ويڙھ وڙھي آھي، ڪوبه ڊڪٽيٽر ترقي پسند نٿو ٿي سگھي، منھنجي والده عاصمه جھانگير به جمھوري قدرن لاءِ وڏي ويڙھ وڙھي. ھن چيو ته اسان جمھوري قدرن لاءِ ويڙھ وڙھياسين پر اسان جي سياستدانن ۽ عدليا سميت سمورن ادارن سٺو پرفارم ناهي ڪيو ۽ نه ئي پاڻ کي ٺاھيو، اھا مايوس ڪندڙ ڳالھ ضرور آھي پر سياست کي زنده رکڻ به تمام گهڻو ضروري آھي. هن چيو ته ميثاق جمھوريت سان جمھوريت جي ھڪ ٿڌي ھوا گھلندي محسوس ٿي هئي پر ان کانپوءِ ملڪ ۾ ھائبرڊ جو نظام اچي ويو. هن چيو ته جيڪا سياستدانن اسٽبلشمينٽ سان ويڙھ وڙھي اھا به صرف پنھنجي بقا لاءِ وڙهي اها ويڙهه عوام لاءِ نه هئي. ھن چيو ته بلوچستان ۾ ظاھري طور پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي پر اتان جو وڏو وزير پيپلز پارٽي جو ناھي، ڇا بلوچستان حڪومت جيان سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ اھڙي حڪومت آڻيندا. ھن چيو ته تبديلي پارٽي جي عمران خان پنھنجي صوبي ۾ ڇا ڪيو، جنهن جي جيل ۾ هجڻ جي مذمت ڪئي وڃي ٿي، حقيقت ته اها آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي، اتي 8 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو جبري طور گم ٿيل آھن. ھن چيو ته ماھ رنگ کان ويندي علي وزير جو ڪھڙو ڏوھ آھي، جيڪي جيلن ۾ سڙي رھيا آھن. سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نگار جاويد قاضي چيو ته پاڪستان ۾ ھائبرڊ جمھوريت آندي ويندي آھي، پر طاقت جو اصل پاور انھن طاقتور ماڻھن وٽ آھي، جيڪي ھن رياست کي ھلائين ٿا. ھن چيو ته آزاد عدليه ختم ٿي چڪي آھي. صدر آصف علي زرداري جي زماني ۾ پيپلز پارٽي مٿئين ڪلاس جي پارٽي بڻجي وئي آھي،ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو ميان نواز شريف جو نعرو ڪيڏانھن ويو، اهو ته ھاڻ ڪٿي به نظر نٿو اچي. ھن چيو ته ملڪ رياض خلاف ڪنھن به ٽي وي چينل تي نالو نٿا وٺي سگھون. سياست، جمھوريت ۽ صحافت ڪنٽرولڊ ياسي موومينٽ ھلي. ھن چيو ته موجوده صوبا تاريخي طور تي ھڪ آزاد ملڪ رھيا آھن، آئين مطابق صوبائي اسيمبلين جي خواھش بنا نون صوبن جو ڪوبه مطالبو نٿو ڪري سگھي. نامياري اردو ليکڪ فرنود عالم چيو ته ماضيءَ ۾ وڏيون سياسي تحريڪون هلنديون ھيون، ھاڻ ڪابه جمھوري عوامي ھلچل نظر نٿي اچي، ماضي جي سياسي ھلچل مان اھو لڳندو ھو ته پاڪستان جي رياست 15 سالن اندر سيڪيولر ٿي ويندي. ھن چيو ته 2018 کانپوءِ پاڪستان ۾ جمھوريت ۽ سياست ئي ختم ٿي وئي آھي. جنھن وٽ عوامي قوت ايندي آھي، ان کي قبول نٿوٿي وئي آهي. ھن چيو ته ون يونٽ جي ٽٽڻ سان اولھ ۽ اوڀر پاڪستان ۾ زبردست س ڪيو وڃي، جنھن وٽ عوامي قوت ناھي، ان کي عوامي قوت بڻائي اڳيان آندو ويندو آھي. هن چيو ته ملڪ کي هلائڻ لاءِ هلندڙ گاڏي تي رڳو اشرافيا جون بتيون لڳل آهن، جنهن ۾ انصاف نظر نٿو اچي، اهڙين گاڏين ۾ هڪ ڀڳل بتين واري عوام جي ٽرڪ به آهي. هنن ھاڻ اھو طئي ڪري ڇڏيو آھي ته رياست کي سيڪيورٽي رياست طور ھلائڻو آھي، ملڪ ۾ سياست، جمھوريت، آئين، قانون ۽ آزاد صحافت جي ڳالھ ڪجي ٿي ته اھا قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي وڃي ٿي. ويھڪ جي ماڊريٽر نامياري صحافي وسعت الله خان ڳالھائيندي چيو ته ھن ملڪ کي ليبارٽري جيان ھلايو ويو آھي ۽ ھلايو ويندو. ھن چيو ته ڇا اسان کي اھڙي ليبارٽري مان ڪو سٺو سياسي ليڊر ملي سگھي ٿو. ھن چيو ته ملڪ جي 22 خاندانن سمورن وسيلن تي قبضو ڪري ورتو آھي ۽ عوام جو رت چوسي رھيا آھن، انھن مان جان ڇٽي پوي ته ملڪ بھتري طرف وڃي سگھي ٿو. ھن چيو ته ھن ملڪ ۾ مختلف ٽرڪن جي ماڊلن جان بتيون اچن ٿيون ۽ تبديل ٿينديون رھن ٿيون. ھن چيو ته ماضيءَ ۾ صوبن کي ملائي ون يونٽ بڻايو ويو ۽ چيو ويو ته ان ۾ مسئلي جو حل آھي، ھاڻ وري چيو وڃي ٿو ته نوان صوبا ٺاھڻ ۾ مسئلن جو حل آھي، ان معاملي جو نتيجو حق ۾ يا مخالفت ۾ نڪري سگھي ٿو.