پاڪستان اسان جو سچو ۽ کرو اتحادي آهي، اها دوستي قيامت تائين جاري رهندي: ترڪ صدر

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته پاڪستان اسان جو سچو ۽ کرو اتحادي ملڪ آهي ۽ اسان جي دوستي قيامت تائين جاري رهندي.
بحري پليٽ فارمز جي خدمت ۾ شموليت بابت تقريب کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته اڄ اسان مڪمل آزمائشن کانپوءِ پي اين ايس خيبر جي حوالگي ڪري رهيا آهيون، پاڪستان بحريا جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ چار ملگيم جهازن جي تعمير جو معاهدو ڪيو هو.
هن چيو ته پهريون جهاز پي اين ايس بابر 24 مئي 2024 ۾ پاڪستان حوالي ڪيو ويو، ٽيون جهاز پي اين ايس بدر جون 2026 جي پڄاڻي تائين، جڏهن ته چوٿون جهاز پي اين ايس طارق 2027 جي شروعاتي ٽن مهينن ۾ پاڪستان بحريا حوالي ڪيو ويندو، جديد ترين ٽيڪنالاجي سان ليس اهي جهاز پاڪستان جي بحريا کي مضبوط بڻائيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.