واشنگٽن (م ڊ)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪ روبيو چيو آهي ته غزا اسٽيبلائزيشن فورس لاءِ پنهنجي فوج موڪلڻ واري آڇ تي اسان پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. جمعي ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي مارڪ روبيو چيو ته غزا اسٽيبلائزيشن فورس جو حصو بڻجڻ جي آڇ يا گهٽ ۾ گهٽ ان تي غور ڪرڻ لاءِ پاڪستان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ان حوالي سان هڪ اهم ملڪ آهي، جيڪڏهن پاڪستان ان معاملي تي متفق ٿئي ٿو، جڏهن ته فورس جي مينڊيٽ، ڪمانڊ ۽ فنڊنگ وارن معاملن تي بحث جاري آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ مرحلو بورڊ آف پيس ۽ فلسطين ٽيڪنوڪريٽ گروپ جو قيام آهي، جيڪو روزاني بنيادن تي گورننس جا معاملا سنڀاليندو. مارڪ روبيو موجب، جڏهن اهي معاملا طئي ٿي ويندا ته ان کانپوءِ مان سمجهان ٿو ته ان سان اسان کي اسٽيبلائزيشن فورس کي مضبوط بڻائڻ جي اجازت ملندي .
ٽرمپ جي چوڻ تي ڪيڏانهن نه وينداسين: راڻا ثناءُالله
چنيوٽ (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي چوڻ تي ڪيڏانهن نه وينداسين، جيڪڏهن موقعو مليو ته فلسطيني عوام جي خدمت جي جذبي تحت ضرور وينداسين. چنيوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته باني پي ٽي آءِ کي ڪنهن ٻي جيل ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪو به فيصلو ناهي، جيڪڏهن هو اهڙي روش جاري رکندا ته پوءِ ان بابت سوچيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن رڳو ملاقاتون ڪرڻيون آهن ته حڪومت کي ڪو اعتراض ناهي، پر فساد ۽ ڏڦيڙ جي ڪوششن جي جيل قانون اجازت نٿو ڏئي. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته عمران خان ٻين کي چور ۽ ڌاڙيل سڏيندو رهيو، پر هاڻي پاڻ چور ثابت ٿيو آهي.
پاڪستان پاڻ فوج موڪلڻ جي آڇ ڪئي: مارڪو روبيو واضح ڪري ڇڏيو؟
اسلام آباد (معيد پيرزادا) آمريڪا جي پرڏيهي وزير، مارڪو روبيو پاڪستان بابت سچائي ظاهر ڪري ڇڏي. جنرل عاصم منير ۽ سندس ٽيم غزا جي حوالي سان هڪ وڏو بيانيو تيار ڪيو هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنرل عاصم منير کي غزا تي اهم ڳالهين لاءِ گهرايو آهي، پر آمريڪي پرڏيهي وزير اهو سڄو تاثر ختم ڪري ڇڏيو، ڇو ته کيس خبر نه هئي ته پاڪستان اندر هن معاملي تي ڪهڙو ڊرامو هلي رهيو آهي. مارڪو روبيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا پاڪستان جو شڪريو ادا ڪري ٿو، جنهن غزا لاءِ فوج موڪلڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر اڃا مينڊيٽ ۽ طريقيڪار بابت ڪيترائي فيصلا ٿيڻا آهن، ته جيئن واضح ٿي سگهي ته آءِ ايس ايف جي صورت ۾ ڪهڙن شرطن تي فوجون غزا وينديون. هن اهو به ٻڌايو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي قابل قبول آهن، يعني اهي ملڪ جن تي اسرائيل کي اعتراض ناهي. جيئن ته اسرائيل کي ترڪي جي فوجن تي اعتراض آهي. هن صورتحال مان اهو به سامهون آيو ته پاڪستان پاڻ ئي اڳڀرو ٿي آڇ ڪئي آهي. جڏهن ته پاڪستان اندر اهو تاثر ڏنو ويو ته ملڪ تي سخت دٻاءُ آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان انڪار ڪندو ته قومي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان پاڻ ئي تيار آهي.