اسلام آباد(بيورو)تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي قومي ڪانفرنس ۾ سياسي اڳواڻن، وڪيلن ۽ صحافين پي ٽي آءِ کي مفاهمت بدران مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻ ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. آهي، اپوزيشن جي تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي تحت قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي اڳواڻن آئيني ترميمن کي رد ڪيو ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار بڻائڻ جي مذمت ڪئي. وڪيلن عدليه کي بي حيثيت ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو، جڏهن ته صحافين پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاج ڪيو. تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته اچو هڪ ٻئي کي معاف ڪريون، اسان معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اچو گڏجي پاڪستان کي تباهيءَ مان ڪڍون. اسان جمهوري ڳالهين لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن ڪو ڳالهين ڪرڻ چاهي ٿو ته عمران خان سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.هن چيو ته توهان سزائون ته ڏئي رهيا آهيو، پر ملاقات ته خاندان ۽ قيادت جو حق آهي، اهو حق ڏيو. مولانا فضل الرحمان، نواز شريف، جماعت اسلامي سميت سڀ اڳواڻ گڏ ويهي ڳالهين ڪن. 8 فيبروري جي چونڊن ۾ جنهن کٽيو، ان کي مينڊيٽ ڏنو وڃي.سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو ته اسان سڀ هڪ آهيون، ورهاست قبول ناهي.سلمان اڪرم راجا چيو ته اڄ اسان عدالت وياسين، پر توشا خانا ٽو جو فيصلو اچي ويو، جيڪو اميد نه هئي. اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا اسان هي جبر سهنداسين يا نه. قوم اسٽريٽ موومينٽ لاءِ تيار رهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.اسد قيصر چيو ته هاڻي اسان وٽ ڪو به آپشن باقي ناهي، هاڻي روڊن تي نڪرنداسين. صرف مزاحمت ٿيندي،ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته اڄ منهنجي ليڊر بابت ناانصافي تي ٻڌل فيصلو آيو،26هين ترميم کان اڳ به ادارا ۽ جمهوري نظام مفلوج هو،اسان جون عدالتون رڳو فيصلا ڪري رهيون آهن،انصاف نه،ڪو سوچي ٿو ته اڄ ان جي حڪومت آهي اهو سڀاڻي بچي ويندو؟ايئن هرگز نه ٿيندو،سياسي جماعتن کي ڪنهن جو آله ڪار نه بڻجڻ گهرجي،جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته قومي ترجيحن تي سڀني سياسي جماعتن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي گڏ ٿيڻو پوندو. آئين جي تحفظ لاءِ پرامن سياسي جدوجهد ضروري آهي،ايمان مزاري چيو ته پي ٽي آءِ هن وقت ملڪ جي سڀ کان مقبول جماعت آهي، ڇو ته عوام عمران خان کي مينڊيٽ ڏنو آهي. ظالم، جابر ۽ قابض آڏو مفاهمت نه، پر مزاحمت ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ مزاحمت جو فيصلو ڪري ٿي ته اسين سڀ ساڻس گڏ بيهنداسين.چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر چيو ته اسان جي تحريڪ جو نالو تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان آهي. اسان جو مينڊيٽ کسيو ويو، عدليه ڪمپرومائز ٿي چڪي آهي،صحافي مطيع الله جان چيو ته ملڪ ۾ غيراعلانيه نه پر اعلانيل مارشل لا لڳل آهي، جيڪو ضياءَ الحق جي دور جهڙو آهي. ميڊيا، عدالتون ۽ حڪومت مڪمل ڪنٽرول ۾ آهن،اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته هر شهر، گهٽي، چوڪ ۽ پريس ڪلب ۾ مزاحمت جي ضرورت آهي. صحافي جيلن ۾ ڇو آهن؟ پاڪستان ميڊيا لاءِ گوانتانامو بڻجي چڪو آهي.سينيئر صحافي حبيب اڪرم چيو ته صحافت تي پابنديون آهن، پيڪا ايڪٽ لاڳو آهي، جيڪو موجوده حڪومت آندو. سوال ڪرڻ ۽ سچ ڳالهائڻ ڏوهه بڻجي چڪو آهي.محسن داوڙ چيو ته توشا خانه ڪنهن جي هٿ ۾ آهي، اهو سڀني کي خبر آهي.