اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن قاسم ۽ سليمان الزام هنيو آهي. ته سندن والد کي جيل ۾ مڪمل قيدِ تنهائي ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو کين ذهني ۽ جسماني تشدد جي طريقن برابر لڳي ٿو. ٻنهي اهو الزام برطانوي صحافي مهدي حسن کي ڏنل انٽرويو دوران هنيو، جنهن جو حصو هڪ ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويو آهي. قاسم خان چيو ته سرڪاري دعوائن جي ابتڙ عمران خان کي ڪا به شاهاڻي سهولت حاصل ناهي، پر هو انتهائي ننڍڙي سيل ۾ بند آهي جتي صحيح نموني بيهڻ به مشڪل آهي. هن ٻڌايو ته پاڻي گندو آهي ۽ کاڌو به ناقص آهي. قاسم موجب مڪمل تنهائي جو مقصد عمران خان کي انساني رابطن کان محروم ڪري ٽوڙڻ آهي. سليمان خان چيو ته هن آخري ڀيرو جولاءِ جي آخر ۾ والد سان ڳالهه ڪئي، جڏهن ته عدالتي اجازت باوجود فون ڪالن تي عمل ناهي ٿيو.