توشا خانا ٽو ڪيس، عمران ۽ بشريٰ بي بي کي 17،17 سال ٽيپ

راولپنڊي(م ڊ) توشا خانا ٽو ڪيس، عمران ۽ بشريٰ بي بي کي 17،17 سال ٽيپ ڏني وئي آهي. راولپنڊي خاص عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. هي ڪيس مئي 2021 ۾ سرڪاري دوري دوران سعودي ولي عهد طرفان عمران خان کي تحفي ۾ ڏنل قيمتي بلغاري جو جيويلري سيٽ  تمام گهٽ قيمت تي خريدڻ سان لاڳاپيل آهي. عدالتي ڪارروائي دوران پراسيڪيوشن جو موقف هو ته پي ٽي آءِ جي باني تقريباً 8 ڪروڙ روپين جي قيمت واري جيويلري سيٽ کي صرف 2 ڪروڙ 90 لک روپين ۾ خريد ڪري پنهنجي پاسي رکيو.فيصلو خاص جج سينٽرل شاه رخ ارجمند ٻڌايو. عمران خان کي مجموعي طور 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ان کي پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 34 (مشترڪ ارادي) ۽ 409 (امانت ۾ خيانت) تحت 10 سال سخت قيد، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ايڪٽ جي دفعه 5(2) (سرڪاري ملازمن جي مجرمانه ڪرپشن) تحت ست سال قيد جي سزا ڏني وئي.بشريٰ بي بي کي پڻ ان ئي قلم تحت 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.عدالت ٻنهي تي هڪ ڪروڙ 64 لک روپين جو ڏنڊ پڻ لڳايوو. قانون موجب جيڪڏهن ڏنڊ ادا نه ڪيو وڃي، ته وڌيڪ قيد جي سزا هوندي. حڪمنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فوجداري ضابطي جو قانون (سي آر پي سي) جي دفعه 382-B (قيد ۾ رکڻ جو مدو سزا ۾ شمار ڪرڻ  جو فائدو مجرم کي ڏنو ويندو آهي . هوڏانهن لکت واري فيصلي ۾ ٻڌائيندي چيو ويو ته  عمران خان کي وڏي  عمر ۽  بشريٰ بي بي کي عورت هئڻ سبب گهٽ سزا ڏني وئي.خاص جج سينٽرل ارجمند شاهه اڊياله جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي موجودگي ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. خاص جج سينٽرل ارجمند شاهه اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي موجودگي ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. عدالت جي جاري ڪيل تحرير فيصلو موجب پراسيڪيوشن پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ٻنهي جوابدارن کي ڏوهه ۾ ملوث ٻڌايو ويو. عدالت ٻنهي تي في فرد 1 ڪروڙ 64 لک 25 هزار 650 روپين جو ڏنڊ پڻ لڳايوو ويو آهي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6، 6 مهينن جي قيد ٿيندي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي عمر وڏي هجڻ ۽ بشريٰ بي بي جي خاتون هجڻ جي لحاظ سان ٻنهي کي گهٽ سزا ڏني وئي. جيل ۾ گذاريل اڳ واري مدي کي به سزا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 13 جولاءِ 2024 تي نيب توشا خانا ٽو ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي اڊياله جيل ۾ گرفتار ڪيو هو، جتي اهي 37 ڏينهن تائين نيب جي تحويل ۾ رهيا. جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نيب 20 آگسٽ تي احتساب عدالت ۾ ڪيس جو ريفرنس دائر ڪيو هو. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خاص عدالت سينٽرل-آءِ اسلام آباد توشہ خانہ-II ڪيس ۾ فيصلو سنائيندي اڳوڻن وزيرِاعظم عمران احمد خان نيزي ۽ سندس گهرواري بشريٰ عمران کي مختلف دفعات تحت سزا ٻڌائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.