جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا جي شهر جوهانسبرگ ڀرسان هڪ بار تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب اهو واقعو آچر جي صبح سوير سون جي کاڻن جي علائقي بيڪرزڊال ۾ پيش آيو، جيڪو جوهانسبرگ کان تقريبن 40 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي.
پوليس ٻڌايو ته تقريبن 12 هٿياربند ٻن گاڏين ۾ آيا ۽ بار ۾ موجود ماڻهن تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن کانپوءِ اهي فرار ٿي ويا.
پوليس واقعي کانپوءِ جوابدارن جي ڳولا لاءِ وڏي پيماني تي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ڏکڻ آفريقا ۾ هٿياربندن جي بار تي انڌاڌند فائرنگ، 9 ڄڻا مارجي ويا، 10 زخمي
You might also like