اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته مان پنهنجي موقف تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندس، عوام جي آزادي وٺي رهندس، ان لاءِ شهادت لاءِ به تيار آهيان. ڪي پي هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جنرل سيڪريٽري سلمان راجا چيو ته عمران خان چيو آهي ته انصاف جا سڀ در بند ڪيا ويا آهن، عدالتن ۾ ڪيس نٿا ٻڌا وڃن، عوام هاڻي روڊن تي اچي آواز اٿاري، ٻيوڪو به آپشن ناهي. هن چيو ته اسان پنهنجي حقن جي مطالبي تان پوئتي نه هٽنداسين. گذريل ڏينهن عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر سان مختصر ملاقات ٿي. عمران خان چيو ته عوام جي آزادي وٺي رهندس، شهادت لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته بشريٰ بي بي کي سندس زال هجڻ جي ڪري جيل ۾ رکيو ويو آهي.