اسلام آباد/لاهور(امتيازگل+ افتخار شيرازي +ارشاد ڀٽي)فيصل واوڊا جي واعدي موجب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سزائون ملي ويون،هڪ ڏينهن اڳ شاهه محمود قريشي کي 9 مئي سان لاڳاپيل ڪيسن مان بري ڪيو ويو، جڏهن ته باقي ياسمين راشد،عمر سرفراز چيما،اعجاز چوڌري،ميان محمود رشيد کي ڏهه ڏهه سال قيد جون سزائون مليون.عمر سرفراز چيما، اعجاز چوڌري ۽ ميان محمود رشيد کي به اڳ ئي اهڙيون سزائون ڏنيون ويون هيون،عدل جو نظام هڪ پاسي انتهائي تيزيءَ سان، خاص ٽائمنگ سان هلي رهيو آهي، جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي معاملن تي ڊگهي خاموشي ڇانيل آهي. هي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.” هڪ ئي الزام (چوري) تي پهرين 10 سال سزا ڏني وڃي ٿي پوءِ ساڳئي الزام تي ٻيهر ڪيس آڻي سزا 17 سال ڪئي وڃي ٿي،فيصلي جا سبب واضح ناهن، فيصلا صرف ٻن صفحن تي ٻڌل آهن،سڀ کان اهم ڳالهه اها ته جن ماڻهن تحفن جي قيمت مقرر ڪئي، يعني ڪابينا سيڪريٽري ۽ ملٽري سيڪريٽري، اهي ڪٿي به نظر نٿا اچن، پر سزا صرف فائدو وٺندڙ کي ملي ٿي.عمران خان کي پنهنجو مڪمل دفاع پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو،شاهدي ڏيندڙن کي پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملي،جيڪڏهن قومي خزاني کي نقصان پهتو، ته پوءِ ذميوار آفيسر به برابر ڏوهاري هئڻ گهرجن “جيڪڏهن توشه خانا مان تحفا رکڻ جرم آهي، ته پوءِ ماضي ۾ آصف زرداري ۽ نواز شريف خلاف اهڙا ڪيس ڇو نه هلايا ويا؟هي سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ٿو ته اهي ڪيس قانوني نه، پر سياسي بنيادن تي آهن،توشه خانه ون ۽ ٽو ڪيس سياسي انتقام آهن،قانون کي رڳو ڍال طور استعمال ڪيو ويو،هائبرڊ نظام سخت دٻاءَ ۾ آهي،ٻئي پاسي توشاخانه جي 20 سالن جو رڪارڊ سامهون آيو آهي جنهن ۾ 4هزار تحفا ورتا ويا،1200 گهڙيون ورتيون ويون،جن ۾ سياستدان،سول توڙي فوجي ڪامورا شامل آهن.شاهد خاقان عباسي 23 ڪروڙ جا تحفا ۽ 13 گهڙيون گهر کڻي ويو،نوازشريف 10 ڪروڙ جا تحفا ۽ 11 گهڙيون گهر کڻي ويو،آصف علي زرداري 13 ڪروڙ جا تحفا،11 گهڙيون ۽ ليبيا جي اڳواڻ معمر قذافي کان ملندڙ بلٽ پروف گاڏيون گهر کڻي ويو،خواجا آصف 5 ڪروڙ جا تحفا ۽ 5 گهڙيون،اسحاق ڊار 4 گهڙيون، شهباز شريف ٻه گهڙيون، بلاول ڀٽو 2 گهڙيون، يوسف رضا گيلاني هڪ گهڙي کڻي ويو، شهبازشريف تشتري بائول،قالين،عربي قهوه دان،عربي ڪافي دان،ڌاتي مجسمو، چاڪليٽ، ماکي، پينٽنگز ۽ ازبڪ مصنوعات مفت گهر کڻي ويو،بلاول ڀٽو قلم،گلدان،عربي قهوه دان ۽ ڪوپ مفت ۾ گهر کڻي ويو،نوازشريف تحفي ۾مليل مرسيڊيز ڪار سوزوڪي ڪار جي قيمت ۾ گهر کڻي ويو،سعودي رائفل 14 هزارن،ترڪ قالين 50 رپين،قطري ولي عهد کان گفٽ ۾ مليل بريف ڪيس 800 رپين ۾ گهر کڻي ويو،انهن اڳواڻن کان نيب سميت ڪنهن به پڇاڻو نه ڪيو،عمران خان ته 100تحفا کڻي ويو پر باقي 3900 تحفن تي ڪنهن جو احتساب ٿيو؟ پر عمران خان کي توشاخانه ٽو ڪيس ۾ جيل ۾ ٽرائل دوران ئي سزا ملي،اهو اوپن ٽرائل نه هو،عمران خان تي الزام هو ته سعودي ولي عهد کان مليل سون جي سيٽ جي قيمت 7 ڪروڙ هئي پر هن 29 لک رپيا ادا ڪيا،جنهن سبب کيس ۽ سندس زال کي 17-17 سال قيد جي سزا ملي،عمران خان کي تحفا نه وٺن گهرجن ها نه ئي انهن جو خريد ۽ وڪرو ڪرڻ گهرجي ها،هڪ سوال ته اهو آهي ته جيڪڏهن قصور وار عمران خان هو ته ان کي سزا ملڻ گهرجي ها،بشريٰ بي بي ته پبلڪ آفيس هولڊر نه هئي ان کي سزا ڇو ٻڌائي وئي؟پر هن وقت سزائن جي جمعي بازار لڳل آهي،کل جوڳا ٽرائل،کل جوڳيون گواهيون،کل جوڳا فيصلا ٿي رهيا آهن، هڪ کان هڪ کانپوءِ ٻي سزا ٻڌائي پئي وڃي،حڪومت انهن تي جهمريون هڻي رهي آهي،اسان جي بدترين دشمن نريندر مودي گجرات جي وڏي وزير جي دور ۾ ملندڙ سمورا تحفا توشاخانه ۾ جمع ڪرايا پوءِ انهن تحفن جي نيلامي ڪرائي ۽ ملندڙ سمورا پئسا نينگرين جي تعليم تي لڳايا،وري وزيراعظم جي دور ۾ ملندڙ تحفا به نيلام ڪري انهن پئسن مان گنگا درياءُ جي صفائي ڪرائي،