هڪ دور جي پڄاڻي، ڊاڪٽر محمد عظيم عالماڻي لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد(رپورٽر) انسانيت جو خدمتگار، سنڌ ڌرتي جو سڄڻ ۽ مسيحائي ڪردار رکندڙ ڊاڪٽر ڊاڪٽر محمد عظيم عالماڻي 90 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته مسيحائي ڪردار رکندڙ ڊاڪٽر ڊاڪٽر محمد عظيم عالماڻي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم  جي جنازي نماز اڄ ڇنڇر جي ڏينھن منجھند جو 2 وڳي بلال مسجد سول لائين حيدرآباد ۾ ادا ڪئي ويندي، سندس لاڏاڻي تي سياسي سماجي ادبي صحافتي حلقن سميت مٽن مائٽن پاران ڏک جو اظهار ڪيوويو، ٻئي پاسي سينيئر صوبائي وزير  ڊاڪٽر ڊاڪٽر عظيم عالماڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ڊاڪٽر عظيم عالماڻي جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، ڏک جي هن گهڙي ۾ پروفسر ڊاڪٽر عظيم جي وارثن سان گڏ آهيون، سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر ڊاڪٽر عظيم عالماڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو ته جهڙو والدين نالو رکيو عظيم عالماڻي جو، تهڙو ئي عظيم انسان دوست هو، ڊاڪٽر محمد عظيم غريب دوست شخصيت جو مالڪ هو، ڪيترن ئي هُن کان علاج وٺندڙ ماڻهن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر عظيم ، عظيم انسان هو، بغير ٽيسٽن جي علاج ڪندوهو، ڪنهن کي ڪڏهن به هُن تڪليف نه ڏني، اڄ ڊاڪٽر عظيم جي لاڏاڻي سان سنڌ ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.