اسلام آباد (بيورو) افغان سرزمين تان خارجين جي حملي ۾ چار پاڪستاني فوجين جي شهادت تي پاڪستان افغان ڊپٽي هيڊ آف مشن کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري باضابطا ڊي مارش ڏنو آهي. پرڏيهي وزارت موجب پاڪستان افغان طالبان تي خارجي فتني ۽ ٽي ٽي پي جي مدد جو الزام لڳايو آهي ۽ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پاڪستان مڪمل جاچ ۽ فوري، قابل تصديق ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي خودمختياري جي دفاع جو حق محفوظ رکي ٿو.