جهنگ (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياست ۾ بيعت نه پارٽي جا ڪارڪن ليڊرز جي نظرين تي هلندا آهن. جهنگ ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته صوبائي حڪومتن کي مڪاني نظام عوامي مفاد ۾ ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته سوچڻو پوندو ته ڇا صوبن جي ورهاڱي لاءِ ملڪي صورتحال سازگار آهي؟ هن چيو ته گارگند جي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اسان هميشه اعتدال سان سياست ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو دفاع طاقتور هجڻ تي اطمينان آهي ۽ اسان ڀارت جي هر جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا.