شٽ اپ، يو شٽ اپ: عليم خان ۽ پلوشا ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (بيورو) مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ سينيٽر پلوشا خان وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، عليم خان ان دوران ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيو ته اوهان جا ڪرتوت سڀني جي سامهون رکندس، مون سان اهڙي طرح ڳالهائڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي، جواب ۾ پلوشا خانچيو ته عليم خان سوال تي ڪاوڙ ۾ ان ڪري آيو ته هو ڏوهي آهي، اجلاس دوران عليم خان چيو ته سنيٽ ۾ مون تي هائوسنگ سوسائتي کي فائدو پهچائڻ جو الزام لڳايوويو، مان ان سوال کي پنهنجي ذاتي تذليل سمجهان ٿو،  اجلاس دوران پلوشا خان چيو ته ”تون ڪير آهين اهڙي نموني ڳالهائڻ وارو؟“ جنهن تي عبدالعليم خان جواب ڏنو ته اوهان عزت ڪندئو ته اسان به اوهان جي عزت ڪنداسين، اوهان ذات تي آڱريون کڻو ٿا، ان موقعي تي عبدالعليم خان، پلوشا خان کي مخاطب ٿيندي چيو: ”شٽ اپ“، جنهن تي پلوشا خان به جواب ۾ چيو ته ”يو شٽ اپ، وفاقي وزير عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته سڄي زماني جا بي ايمان هتي گڏ ٿيا آهن، پلوشا خان ڪميٽي جي چيئرمين کي مخاطب ٿيندي چيو ته وزير پاران ڪيل بدتميزي تي رولنگ ڏني وڃي، ڇا خانگي هائوسنگ سوسائٽي جو نالو وٺڻ ڏوهه آهي؟ مون رڳو سوال پڇيو آهي، سخت جملن جي ڏي وٺ بعد ڪميٽي چيئرمين مداخلت ڪئي، جنهن تي وفاقي وزير عبدالعليم خان، چيئرمين جي هدايت تي معذرت ڪري ورتي، سينيٽر پرويز رشيد، سينيٽر پلوشا خان ۽ عليم خان کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر سندس وچ ۾ بچاءُ جون ڪوششون ناڪام ويون،  پيپلزپارٽي سينيٽر پلوشا خان جو چوڻ آهي ته منهنجو سوال هو ته رنگ روڊ کان سوسائٽي جو رابطو فائدي وارو آهي يا نه، منهنجي سوال تي عليم خان ڀڙڪي پيو ۽ جواب نه ڏنو، ڪابينا ميمبر سڀني جي سامهون ڀڙڪي پوندو آهي ۽ ڌمڪين تي لهي ايندو آهي، عليم خان کي وفاقي وزير جي عهدي تان هٽايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.