لاهور (عمران شفقت) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي فار ڪميونيڪيشنز جي اجلاس دوران هڪ تڪراري صورتحال پيدا ٿي، جتي عليم خان ۽ پلوشا خان آمهون سامهون اچي ويا. الزام لڳايو ويو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران ٺهيل هڪ ڏهه ڪلوميٽر ڊگهو روڊ هڪ نجي هائوسنگ سوسائٽي کي فائدو ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو مفادن جي ٽڪراءَ جو واضح مثال آهي. ان سوال تي بحث دوران سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن بعد معاملو وڌي ويو.