قصو رمضان کوسو قتل ڪيس جو…

تحرير: رازق ڏنو کوسو

سماج ۾ ھر قسم جون برايون وڌي رھيون آھن جڏھن پوليس ڪچي جي ڌاڙيل وارو روپ اختيار ڪري وٺي ته  پوءِ ڪيترا سوال پيدا ٿي پوندا آھن ڪجهه ڏينھن اڳ بدين جي ڳڀرو نوجوان رمضان کوسو جنھن کي سرڪاري وردي پاتل بنا ڪنھن خوف جي ھٿيارن جا منھن کولي ھميشه لاءِ ننڊ ۾ سمھاري ڇڏيو

 رمضان کوسو علي بندر تاريخي شھر ڀرسان ولھاري جو ڳڀرو نوجوان هو. جيڪو پنھنجي گاڏي ۾ سوار ٿي علي بندر طرف اچي رھيو ھو ان وقت سرڪاري  وردي وارن رمضان کوسي تي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا رمضان کوسو تي سرڪاري رائيفل مان برسٽ ھلائي موت طرف ڌڪي پاڻ واقعي واري ھنڌ کان فرار ٿي ويا رمضان کوسو جي گاڏي تي جڏھن برسٽ ھليا ته ان وقت ھڪ مال وند ماڻھو به اھو لقاءُ ڏٺو ته سامھون ڪاري ڪار اندر سوارن الڳ برسٽ ھلايا وري پويان گاڏي موڙي واپس اچي وري برسٽ ھلايا ان بعد اھي جوابدار جن ۾ اکين ڏٺن شاھدن موجب پوليس اھلڪار شامل رھيا رمضان کوسو کي دوکي سان علائقي ۾ گھرائڻ وارو ڪم وري ھڪ شخص پھلاج ميگھواڙ کي ڏنو ويو ھو. ھڪ ڏينھن پھلاج ميگھواڙ کي پوليس اهلڪار ڏيپلو گھرائي اھو ٽاسڪ ڏنو ته توکي اھو ڪم مطلب رمضان کوسو کي گھرائڻو آھي ان بعد رمضان کوسو کي دوکي سان گھرائي سمورا اھلڪار ٽي ڪلاڪ اڳ علي بندر طرف نڪري بيٺا رمضان کوسو پھلاج ميگھواڙ وٽ پھتو ڪجهه دير بعد پھلاج بار بار پوليس اهلڪارن سان رابطو ڪندو رھيو ته رمضان نڪري اچي پيو سامھون قاتل اڳ ئي انتظار ۾ بيٺل ھئا بس ھٿيارن جا منھن رمضان کوسو تي ھئا پوليس پنھنجي  پلاننگ ۾ ڪامياب ويئي پر قانوني جنگ سندن سمورا ثبوت آڻي سامھون ڪيا ان بعد ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ جي طعبيت خراب ٿيڻ کيس چڪر اچڻ بعد کيس اين آئي سي وڊي مٺي پھچايو ويو. اسپتال مان سندس سئوٽ مبارڪ راڄڙ گاڏي ۾ ويھاري پنھنجي جاءِ تي کڻي ويو ان بعد مبارڪ راڄڙ مختلف ٽلون ڪندو ڪنھن به صورت ۾ بچائڻ جون سموريون اٽڪلون ڪندو رھيو.

 سنڌي ۾ چوڻي آھي ته رب منجھائي ته مت ڇڏائي ائين ٿيو ته سمورا قاتل نروار ٿي ويا مبارڪ راڄڙ رات ڏينھن ھڪ ڪري پنھنجي سئوٽ  کي بچائڻ لڳو. آخرڪار جانچ ٽيم جوڙي ويئي ان جانچ ٽيم رمضان کوسو جي خون سان انصاف ڪرڻ بجاءِ 30 لک روپين ۾ قاتل ايس ايڇ او کي رستو ڏيئي عدالت کي استدا ڪئي ته ھن ڪيس مان حسين بخش راڄڙ کي آجو ڪيو وڃي پر عدالت جي جج ان قتل تي ان رپورٽ کي رڌ ڪري ڇڏيو جيڪا رپورٽ 30  لک روپين ۾ ٺھي رمضان کوسو قتل ۾ ملوث جوابدار حسين بخش جا مبارڪ راڄڙ معرفت ڏنل پئسا پاڻي ٿي ويا عدالت سڳوري کيس جڊيشلي رمانڊ تي جيل روانو ڪري ڇڏيو.

 حسين بخش راڄڙ کي عدالت مان جڏھن  جيل روانو ڪيو پيو ويو ته ڀارتي فلمي اداڪار جيان ٻانھون لوڏيندو موبائل ۾ ويھاريو ويو مٺي شھر کان ٿورو اڳيان کيس موبائل جي فرنٽ سيٽ تي ويھاريو ويو ائين قاتل کي بچائڻ جا سڀ حربا ھلايا ويا پر قاتل ڪيفر ڪردار تائين پھچاڻا آھن.

 رمضان  کوسو قتل ڪيس  ۾ گرفتار جوابدار ھن وقت قيد ۾ ضرور آھن پر سوچين پيا ته آزاد ٿي وينداسين سندن پٽي ڀائرن جانچ آفيسرن آٿٿ  ڏني آھي ته اسان قانوني طور بچائڻ جون ڪوششون ڪيون آھن پر جج صاحب رڳو اسان جي رپورٽن کي مڃن عدالت اڳ ئي پوليس جي رپورٽن کي رد ڪري چڪي آھي. سڄي شھيد رمضان کوسو جي قتل تي سڄي سنڌ ڏکاري آھي رمضان کوسو جا معصوم ٻار ھن وقت سخت تڪليف ۾ آھن ھڪ پٽ ٻه معصوم نياڻيون سندس آخري آرم گاھ تي روز وڃن ٿا. پيءُ کي سڏ ڪن ٿا ۽ پنھنجي پيءُ  جي قاتلن کي روئي روئي پٽون ڏين ٿيون.

 ٻئي طرف ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ عوامي آواز سان شھيد رمضان کوسو واري معاملي تي  ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻو ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ جو ڊي ايس پي وارو پروموشن غلط آھي ڪنھن به ڊپارٽمنٽ مان اگر ڪنھن جو پرو موشن ٿيندو آھي ته ان بابت تفيصل طلب ڪيا  ويندا آھن اسان کان ان بابت پچو ويو ته حسين بخش راڄڙ  جو پرو موشن ٿيڻ طرف آھي ان تي نيب سميت جيڪڏهن ڪابه جانچ آھي ته رپورٽ ڏيو مون لکي موڪليو ته حسين بخش راڄڙ ھڪ نوجوان رمضان کوسو قتل ڪيس ۾ ڪجهه پوليس وارن سميت شامل آھي سندس ان ڪيس جو ٽرائل عدالت ۾ ھلي پيو 302  جي ايف آءِ آر درج ٿيل آھي ان بعد ھاڻ ڊي ايس پي ته پري جي  ڳالهه به ايس ايڇ او به نه رھيو آھي پوليس جانچ ٽيم واري معاملي تي ھن چيو ته فريادي درخواست ڏيئي سگھي ٿو اسان جانچ ٽيم تبديل ڪري ڇڏينداسين۔  عدالت ھن ڪيس ۾ جوابدار ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ جو 23 تاريخ تائين جڊيشلي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آھي پر ايس ايڇ او پنھنجي پٽي ڀائرن جي جانچ ٽيم تي پر اعتماد نظر اچي پيو ته عدالت مان ھن تاريخ تي آجو ٿي ويندس ايس ايس پي ٿرپارڪر رمضان کوسو ڪيس جي جانچ ۾ بد نيتي واري عمل بعد موجود ايس ايڇ او ڏيپلو امين جوڻيجو کي به ڏيپلو مان ھٽائي ڇڏيو آھي. مقتول رمضان کوسو جي وارثن پاران سي آئي اي انچارج مبارڪ راڄڙ کي به ٿرپارڪر مان ھٽائي ڇڏيو آھي اھم ذريعن موجب ايس ايس پي ان سموري جانچ رپورٽ جيڪا پوليس پاران عدالت ۾ ڏني آھي جنھن ۾ جوابدار ايس ايڇ او کي بچائڻ واري معاملي تي سخت ڪاوڙيل آھي ڏسڻو اھيو آھي ته شھيد رمضان جيڪو پوليس گردي جو نشانو بنجي ويو ان جي قتل سان ڪھڙو انصاف ٿئي ٿو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.