اسنوڪر ڪلب قانوني ڪاروبار آهي، ان تي پابندي نٿي لڳي سگهي: عدالت جو اهم فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اسنوڪر ڪلب بند ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي وڏو فيصلو ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ شهري جو اسنوڪر ڪلب بند ڪرڻ جو ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي اسنوڪر ڪلب کي جائز ۽ قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس جواد ظفر درخواستگذار شهري محمد راشد جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اسنوڪر ڪلب هلائڻ قانوني ۽ تفريحي سرگرمي آهي، ڪو قانون ان تي پابندي لاڳو نٿو ڪري سگهي.
عدالت اسنوڪر ڪلب جي ڪاروبار کي جائز قرار ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته قانون جي دائري ۾ هلندڙ ڪاروبار کي رڳو غير واضح شڪايت تي بند نٿو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.