حڪومت جو مينڊيٽ جعلي، ٻڌايو وڃي ته عمران خان جيل ۾ ڇو آهي؟ مولانا فضل الرحمان

چڪوال (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مان ڪنهن به سياستدان جي گرفتاري ۽ ان سان ملاقات تي پابندي جي حق ۾ ناهيان، اصل سوال اهو آهي ته عمران خان جيل ۾ ڇو آهي؟
چڪوال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جنهن تيزيءَ سان آئين ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن، آئين جي حيثيت ۽ اهميت مجروح ٿي رهي آهي.
هن چيو پهرين ڳالهه اها ته انهن وٽ اصل مينڊيٽ موجود ناهي ۽ جعلي مينڊيٽ سان حڪومت ڪري رهيا آهن، جعلي مينڊيٽ باوجود به رڳو ن ليگ جي حڪومت آهي، پ پ بس سهارو بڻيل آهي، هيءَ جعلي اڪثريت نه پر جعلي اقليت جي حڪومت آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن آئين جي ابتڙ قانون سازي ڪئي ويندي ته ان جو مطلب آئين سان بغاوت هوندو، جنهن کانپوءِ انهن جو مينڊيٽ پاڻمرادو ختم ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري گڏيل مشاورت ذريعي هڪ گڏيل موقف سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.