ڪنهن ڪوئي کي ڊوڙندي ڏسڻ ڪيترن ئي ماڻهن، خاص طور عورتن کي بلڪل پسند ناهي هوندو.
پر جڏهن ائين ڪنهن جهاز ۾ ٿئي ته پوءِ؟
يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر نيدرلينڊز ۾ هڪ فضائي ڪمپني جي اڏام جي مسافرن سان ائين ٿيو.
ايمسٽرڊيم کان ڪيريبين ويندڙ ڪي ايل ايم جي اڏام ۾ هڪ وڏي ڪوئي کي ڪيبن ۾ ڊوڙندي ڏٺو ويو.
اها اڏام ايمسٽرڊيم کان اروبا وڃي رهي هئي ۽ مسافر سوار ٿي رهيا هئا ته کين اوچتو ٻڌايو ويو اڏام روانو نه ٿيندي، ان کي رد ڪيو ويو آهي.
فضائي ڪمپني جي هڪ ترجمان موجب اهو واقعو غير معمولي آهي، مسافرن ۽ عملي جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان ئي سبب اسان اڏام کي رد ڪيو.
ترجمان چيو ته جهاز کي مناسب طريقي سان صاف ڪري پوءِ سروس ۾ واپس آندو ويندو.
You might also like