ڊاڪٽر جو پيشو خطري ۾ پئجي ويو، ڇو ته دنيا جي سڀ کان طاقتور ملڪ آمريڪا ۾ 40 سيڪڙو ماڻهو چيٽ جي پي ٽي تي ڀاڙڻ لڳا آهن.
آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ) ڊاڪٽرن جي پيشي کي به متاثر ڪرڻ لڳي آهي، رولنگ اسٽون نالي ويب سائيٽ موجب سروي ۾ شامل 40 سيڪڙو ماڻهن ٻڌايو ته هو صحت جي معاملن ۾ چيٽ جي پي ٽي جي يقين ڪندا آهن.
ان سروي، جنهن ۾ تقريبن ٻه هزار آمريڪي بالغن حصو ورتو، سان خبر پئي ٿي ته تقريبن 40 سيڪڙو آمريڪي بيمارين جي ڄاڻ يا علاج جي حوالي سان مشورو وٺڻ لاءِ چيٽ جي پي ٽي تي ڀاڙيندا آهن.
سروي جي نتيجن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي صحت بابت سوالن جي جواب آن لائن چيٽ بوٽس ذريعي ڳوليندا آهن.
توڙي جو ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اي آءِ طبي مشورو ڏيڻ جي متبادل نٿي ٿي سگهي ۽ حقيقي ڊاڪٽرن سان رابطو ضروري آهي.
نتيجن موجب 23 سيڪڙو ماڻهو مهانگن طبي خرچن کان بچڻ لاءِ اي آءِ کان مدد وٺندا آهن، سروي ۾ شامل ڪجهه ماڻهن چيٽ بوٽس کي فائديمند ٻڌايو، جڏهن ته ڪن غلط يا اڻ پوري ڄاڻ جي نشاندهي ڪئي.
Next Post
You might also like