فيض حميد کي سزا ۽ احتساب جون دعوائون!

تحرير: مجاهد چنا

اھو قدرت جو قانون آهي ته جيڪو ڪندو سو لوڙيندو، ملڪ ۾ اڳوڻي ڳجھي اداري جي سربراهه فيض حميد جي سزا بابت مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن. مسلم ليگ (ن) جي سينئر ۽ سنجيده اڳواڻ خواجه سعد رفيق جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي جلاوطني ۽ فيض حميد جي قيد خوشي جو سبب نه پر ھڪ سبق آهي، غلط ڪم هميشه غلط نتيجا ڏين ٿا. جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته فوجي عدالت پاران فيض حميد جي سزا آئين کان انحراف ڪندڙن لاءِ هڪ وڏو سبق آهي، حڪومت ۾ سڀ کان اهم عهدو هڪ فرد لاءِ ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ امانت آهي، پر طاقت، اختيار، غرور، وڏي تباهي ۽ آخرڪار ذلت جو سبب بڻجن ٿا. جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءُ الحق، جنرل پرويز مشرف تاريخ ۾ آئين جا باغي هئا ۽ قومي سياسي محاذ تي سبق بڻجي ويا.

تاريخ جو الميو اهو آهي ته اقتدار ۾ ويٺل هر شخص ماضي مان سبق نه ٿو سکي. سياست، رياست ۽ هٿياربند فوجن لاءِ عزت وارو رستو آئين کي برقرار رکڻ ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻ آهي. پردي پويان، محلاتي سازشن ۾ ملوث عنصر عوام، پارليامينٽ، عدليه، قانون ۽ آئين کي قتل ڪري رهيا آهن، ۽ ملڪ ۽ قوم کي نقصان ٿيندو رهي ٿو. وري فيلڊ مارشل جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته هن فيصلي سان ماڻهن کي خبر پوڻ گهرجي ته اسان جو چيف بنا ڪنهن فرق جي احتساب تي يقين رکي ٿو. سندس مخالف چون ٿا ته ملڪ ۾ شفاف احتساب جي اميد انھن کان ڪيئن رکي سگهجي ٿي جيڪي پاڻ کي احتساب کان مٿانهون بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪن ٿا؟

ڪجهه تجزيه نگارن اهو به اشارو ڏنو آهي ته موصوف کي اپيل ۾ وڃڻ ڪري رليف ملندو. ھڪ تاثر اھو به آھي ته 27۽ 26ھين ترميم تي متل مانڌاڻ کي ٿڌو ۽ ماڻھن جي توجهه ھٽائڻ لاءِ به اھڙي بريڪنگ نيوز ڏني وئي آھي. ھن اداري جون پنھجون ڪورٽون ۽ فيصلا ھوندا آھن ڊسيپلين کي برقرار رکڻ لاءِ اھو سلسلو ھروقت جاري رھندو آھي. قومي مفاد خاطر اھڙيون خبرون ٻاھر نه ڪڍيون وينديون آهن. ڳجھي اداري جي اڳوڻي سربراهه جي لٽ مار کان وٺي سياستدانن کي بليڪ ميلنگ ۽ آئين کان انحراف جون ڪھاڻيون هڪ هڪ ڪري نروار ٿي رھيون آھن.تصور ڪريو ته آئين سان وفاداري جو قسم کڻندڙ ۽ قومي مفاد جا گيت ڳائيندڙ ماڻهو ڪيئن پنهنجي ذاتي مفادن جي تڪميل لاءِ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ۽ ملڪ ۽ قوم جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندا آهن. جڏهن محافظ پاڻ ئي آئين جا غدار ۽ قوم جا لٽيرا بڻجي وڃن ٿا ته پوءِ انهن کان انصاف جي اميد ڪير رکي سگهي ٿو؟ يقيني طور تي هن سڄي راند ۾ ھو اڪيلو فرد نه ٿو ٿي سگهي. ايتريون اورھ زوراور سرگرمين باوجود مٿيان آفيسر ڪئين بي خبر ٿي سگھن ٿا. ٻيو ته ڇڏيو جيڪي ھن سڄي فيض مان فيضياب ٿيندا رھيا آھن اھي به مھنڙو مٽائي ھنڀوڇيون ھڻي رھيا آھن. ان ۾ ڪو به شڪ ڪانھي ته هي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن جي نظم و ضبط ۽ ڪارڪردگي کي نه رڳو دشمن پر سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي، جيڪا ملڪ ۽ پوري قوم لاءِ فخر جي ڳالهه پڻ آهي. اهو به پنهنجي جاءِ تي هڪ سوال آهي ته اهو شخص ايندڙ ڏهن سالن تائين منصوبي مطابق ڪرپشن جي راند کيڏندو رهيو ۽ اعليٰ عملدارن کي هڪ اشارو به نه مليو؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي! تنهن ڪري، ماڻهن ۾ اهو مطالبو زور وٺي رهيو آهي ته فيض سان گڏ، انهن ماڻهن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جيڪي هر قدم تي هن سان گڏ گندي راند ۾ شامل هئا، ته جيئن حق حق ٿي  وڃي. اها به حقيقت آهي ته انهيءَ شخص جي سرپرستي هيٺ، احتساب ۽ انصاف جي نالي تي ملڪ ۾ وڏو انتشار هو، جنهن کي حڪمران قيادت سنجيدگي سان نه ورتو، جنهن جي ڪري سياست، سياسي پارٽيون، ڇڪتاڻ، پرڏيهي ايجنٽ هڪ ٻئي کي  چور چور چوندا رھيا جيڪو اڃا تائين جاري آهي. باوجوا جي ايڪسٽينشن کان وٺي گم ٿيل شخص ۽ دهشتگردي تائين، آئين ۽ قانون کان انحراف، فارم 47 تحت حڪومت جي قيام، مخصوص سيٽن جي فيصلي ۽ من ماني فيصلا ۽ قانون سازي ڪئي وئي. جنهن جي ڪري، اڄ اسان جو ملڪ معاشي بدحالي، سياسي انتشار، عالمي مالي قرضن جي بار، دهشتگردي، اٽي کنڊ جي مافيا، مهانگائي جي طوفان، ڪرپشن ۽ ٻاهرين جارحيت جو شڪار آهي. ايستائين جو اسان ڪرنسي ۽ معاشي ترقي ۾ بنگلاديش ۽ افغانستان کان به پوئتي آھيون.

 هن صورتحال مان نڪرڻ ۽ نجات جو واحد حل قانون جي حڪمراني، جمهوريت جي بالادستي ۽ پاڪستان جي قيام جي حقيقي مقصدن جي تڪميل آهي. پاڪستان جي قيام جي حقيقي مقصدن جي تڪميل ۾ ئي قائد جو پاڪستان اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ قوم ترقي ڪري سگهي ٿي. سياسي پارٽين کي هاڻي اهو به فيصلو ڪرڻ گهرجي ته گيٽ نمبر 4 ڏانهن ڏسڻ ۽ ڪنهن سازش جو حصو بڻجڻ بدران، عوام جي طاقت تي يقين رکندي سياست ۾ هڪ ٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪن، سياست ۾ عزت، اعتماد، ايمانداري ۽ خدمت جي جذبي کي اڳتي وڌايو وڃي. ھاڻي اھو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو ته موصوف کي دنيا ۾ پنھنجي ڪيل اعمالن جي سزا ملندي، اڳتي مداخلت جو دروازو بند ٿي سگھندو ۽ فيضياب ٿيندڙ به ان جي سزا کان ڪو سبق سکندا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.