هي دور جنهن کي جديديت، ٽيڪنالاجي ۽ تيز رفتاري جو نالو ڏنو وڃي ٿو، اصل ۾ قدرن جي ٽٽڻ، شعور جي اونداهين ۽ نوجوان ذهنن جي ڀٽڪڻ جو به دور بڻجي ويو آهي. اڄ جا نوجوان، جيڪي ڪنهن به قوم جو سڀ کان قيمتي سرمايو هوندا آهن، بدقسمتي سان اهڙن آئيڊيلن کي پنهنجو رهبر بڻائي رهيا آهن، جيڪي کين تعمير بدران تباهي، روشني بدران اونداهين ۽ اخلاق بدران بدڪاري ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. هن حقيقت کي ڏسڻ لاءِ وڏي تحقيق جي ضرورت ناهي، صرف اکين کي کولي سماج ۾ هلڻ ڦرڻ ئي ڪافي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن آئون ڪنهن ذاتي ڪم سبب جي ڪري روڊ تي بيٺو هئس ته هڪ موٽر سائيڪل منهنجي آڏو لنگهي، جنهن جي پٺيان وڏن اکرن ۾ لکيل هو “لوسيفر (لارڊ آف هيل)”. اهو منظر ڏسي دل اندر هڪ عجيب قسم جي ڏک، حيرت ۽ خوف گڏجي پيدا ٿيا. حيرت ان ڳالهه تي ته اسان جو نوجوان ڪهڙي ذهني سطح تي پهچي ويو آهي، ڏک ان ڳالهه تي ته مستقبل جا معمار اهڙين علامتن سان پاڻ کي سڃاڻڻ لڳا آهن، ۽ خوف ان ڳالهه تي ته جيڪڏهن اهو ئي فڪر جاري رهيو ته اسان جو سماج ڪهڙي پاتال ڏانهن وڃي لهندو. لوسيفر، جيڪو مختلف مذهبي ۽ فڪري روايتن ۾ بغاوت، غرور، گمراهي ۽ شر جي علامت سمجهيو ويندو آهي، جيڪڏهن اڄ ڪنهن نوجوان لاءِ فخر، طاقت يا سڃاڻپ جو نشان بڻجي وڃي ته اها معمولي ڳالهه نه آهي. اها صرف هڪ لفظ يا اسٽيڪر جو سوال نه آهي، بلڪه اها ان ذهني بيماري جي نشاني آهي، جيڪا آهستي آهستي نوجوان نسل کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي رهي آهي.
اڄ جا نوجوان صرف ڪرپٽ ماڻهن، ڏوهارين، غيرقانوني طريقن سان دولت ڪمائيندڙن يا طاقت جي نشي ۾ چور ڪردارن جا مداح نه رهيا آهن، پر هاڻي هو کليل نموني شيطانيت، بغاوت ۽ اخلاقي بي راهه روي کي به هڪ آئيڊيل طور قبول ڪرڻ لڳا آهن. اها ڳالهه سماج لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، ڇو ته جڏهن آئيڊيل غلط ٿي وڃن ته رستا به غلط ٿي وڃن ٿا، ۽ جڏهن رستا غلط ٿين ته منزل ڪڏهن به صحيح نٿي ملي. نوجوانن جي ذهني تشڪيل ۾ آئيڊيل انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. هڪ نوجوان جنهن کي پنهنجي زندگي جي شروعاتي مرحلن ۾ اهو سيکاريو وڃي ته ڪير عزت جوڳو آهي، ڪير پيروي لائق آهي، ڪهڙا قدر اهم آهن ۽ ڪهڙا عمل قابلِ نفرت آهن، اهو نوجوان مستقبل ۾ هڪ ذميوار شهري بڻجي سگهي ٿو. پر جڏهن اهوئي نوجوان اهڙن ڪردارن کي ڏسي وڏو ٿئي، جن جي سڃاڻپ دولت، طاقت، ڏاڍ، فراڊ، منشيات، هٿيارن ۽ اخلاقي زوال سان جڙيل هجي، تڏهن هو به شعوري يا لاشعوري طور انهن ئي رستن تي هلڻ لڳي ٿو. اڄ ميڊيا، سوشل ميڊيا، فلمن، ڊرامن ۽ آن لائين پليٽ فارمن نوجوان ذهنن تي جيڪو اثر ڇڏيو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. ڏوهاري ڪردار، مافيا، گينگسٽر، شيطانيت سان جڙيل نشانين کي هڪ اسٽائل، هڪ فيشن ۽ هڪ طاقتور سڃاڻپ طور پيش ڪيو وڃي ٿو. نوجوان، جيڪو اڳ ئي سڃاڻپ جي بحران ۾ مبتلا آهي، اهڙين تصويرن کان متاثر ٿي انهن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي ٿو. اهو به هڪ تلخ حقيقت آهي ته اسان جو تعليمي نظام، خانداني تربيت ۽ سماجي ادارا نوجوانن کي صحيح فڪري رهنمائي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نصابي علم ته ڏنو وڃي ٿو، پر اخلاقي تربيت، تنقيدي سوچ ۽ سٺي ۽ بُري ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. گهرن ۾ والدين پاڻ معاشي پريشانين، سماجي دٻاءَ ۽ وقت جي کوٽ جو شڪار آهن، نتيجي ۾ ٻارن جي ذهني دنيا خالي رهجي وڃي ٿي، جنهن کي پوءِ انٽرنيٽ، موبائل فون ۽ بي راهه مواد ڀري ڇڏين ٿا. جڏهن ڪو نوجوان پنهنجي گهر، اسڪول يا سماج مان ڪو مثبت آئيڊيل نٿو ملي، تڏهن هو ٻاهرين دنيا مان اهڙا ڪردار ڳولي ٿو، جيڪي ظاهري طور طاقتور، باغي يا مختلف نظر اچن ٿا، ڀلي اهي اندروني طور تباهي جا نشان ئي ڇو نه هجن.
لوسيفر جهڙي علامت کي اپنائڻ دراصل هڪ ذهني بغاوت جو اظهار آهي. اها بغاوت ڪڏهن سماج جي ناانصافين خلاف هوندي آهي، ڪڏهن والدين جي سختي خلاف، ڪڏهن معاشي ناهمواري خلاف، ۽ ڪڏهن صرف ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ. پر بدقسمتي اها آهي ته اها بغاوت صحيح فڪري رستي بدران غلط نشانين ۽ غلط آئيڊيلن جي صورت اختيار ڪري ٿي. نوجوان سمجهي ٿو ته اهڙيون علامتون کيس منفرد، طاقتور ۽ بي خوف بڻائينديون، پر حقيقت ۾ اهي کيس آهستي آهستي اخلاقي زوال، ذهني انتشار ۽ آخرڪار سماجي تباهي ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. جيڪو نوجوان اڄ موٽر سائيڪل تي شيطان جو نالو فخر سان لکي ٿو، اهو سڀاڻي قانون، اخلاق ۽ انسانيت کي به مذاق سمجهڻ لڳي سگهي ٿو. اڄ جي دور ۾ بدڪاري صرف فرد جي سطح تائين محدود نه رهي آهي، بلڪه اها هڪ سماجي وبا بڻجي چڪي آهي. ناجائز ڪم ڪندڙن کي هوشيار، تيز ۽ ڪامياب سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته ايماندار، محنتي ۽ اصولن تي هلندڙ ماڻهو کي بيوقوف ۽ ناڪام قرار ڏنو وڃي ٿو. اهڙي سوچ نوجوانن جي ذهنن ۾ ويهي وڃي ٿي. هو ڏسن ٿا ته جيڪو قانون ٽوڙي ٿو، اهو آسائشون ماڻي ٿو، جيڪو رشوت ڏئي ٿو يا وٺي ٿو، اهو اڳتي وڌي ٿو، ۽ جيڪو اصولن تي هلي ٿو، اهو پوئتي رهجي وڃي ٿو. اهڙي ماحول ۾ نوجوان لاءِ شيطانيت يا بغاوت کي آئيڊيل بڻائڻ ڪا حيرت جي ڳالهه نه رهي ٿي، پر اها انتهائي افسوسناڪ ضرور آهي.
هن سڄي صورتحال جو سڀ کان وڏو نقصان نوجوان جي مستقبل کي ٿئي ٿو. جيڪو نوجوان غلط آئيڊيلن جي پيروي ڪري ٿو، اهو پنهنجي تعليم، ڪيريئر، رشتن ۽ نفسياتي سڪون کي داءُ تي لڳائي ٿو. شروعات ۾ اهو سڀ ڪجهه کيس رومانوي، دلڪش ۽ پرڪشش لڳي ٿو، پر وقت گذرڻ سان جڏهن نتيجا سامهون اچن ٿا ته پڇتاءُ کان سواءِ ڪجهه به هٿ نٿو اچي. نشي، ڏوهه، تشدد ۽ بي راهه روي جا رستا هميشه مختصر خوشي ۽ ڊگهي تباهي ڏانهن وٺي وڃن ٿا. نوجوان عمر ۾ ڪيل غلطيون پوري زندگي جو بار بڻجي سگهن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ذميوار ڪير آهي؟ ڇا صرف نوجوانن کي الزام ڏئي سگهجي ٿو؟ حقيقت اها آهي ته نوجوان ڪنهن خلا ۾ نٿا جيئڻ. هو سماج جو پيداوار آهن. جيڪڏهن سماج کين مثبت مثال نه ڏيندو، جيڪڏهن رياست کين انصاف، روزگار ۽ اميد نه ڏيندي، جيڪڏهن ميڊيا کين سچ ۽ اخلاق بدران سنسني ۽ شيطانيت پيش ڪندي، ته پوءِ نوجوانن کان اها اميد رکڻ ته هو پاڻمرادو فرشتا بڻجي ويندا، اها پاڻ فريبي کان سواءِ ڪجهه به ناهي. تنهن هوندي به، هر فرد جي پنهنجي ذميواري به هوندي آهي، ۽ نوجوان کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته هر چمڪندڙ شيءِ سون نه هوندي آهي، ۽ هر باغي نشان آزادي جي علامت نه هوندو آهي.
اسان کي اجتماعي طور تي اهو سوچڻو پوندو ته نوجوانن لاءِ ڪهڙا آئيڊيل پيش ڪيا پيا وڃن. ڇا اسان پنهنجن تاريخي، علمي، ادبي ۽ اخلاقي هيروز کي نوجوانن تائين پهچايو آهي؟ ڇا اسان کين اهو ٻڌايو آهي ته اصل طاقت ايمانداري، علم، صبر ۽ خدمت ۾ آهي؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ لوسيفر جهڙيون علامتون خالي جاءِ ڀرڻ لاءِ موجود آهن. نوجوان ذهن خالي نٿو رهي سگهي؛ يا ته ان کي روشني ڀريندي يا اونداهين. انتخاب اسان جي هٿ ۾ آهي.