پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي، فضائي گدلاڻ ۽ مهانگي پيٽرول جي وڌندڙ بحران سبب ٽرانسپورٽ جو مستقبل تيزيءَ سان اليڪٽرڪ وهيلز (Electric Vehicles) ڏانهن وڌي رهيو آهي. حڪومت پاران گذريل ڪجهه سالن ۾ متعارف ڪرايل پاليسين سان گڏ خانگي شعبي ۾ به دلچسپي وڌي آهي، پر ان سڄي عمل ۾ ڪيترائي چيلينجز اڃا به برقرار آهن.
سال 2000ع۾ حڪومت پاڪستان قومي سطح تي اليڪٽرڪ وهيل پاليسي منظور ڪئي، جنهن جو مقصد 2030 ع تائين ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ کي اليڪٽرڪ نظام ۾ تبديل ڪرڻ آهي. موٽر سائيڪل، رڪشا، ڪارون، بسن ۽ ٽرڪن لاءِ ٽيڪس رعايتون، گهٽ درآمدي ڊيوٽي ۽ مقامي پيداوار لاءِ سهولتن جو اعلان ڪيو ويو.جڏهن ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلي، وڌندڙ گرمي، توانائيءَ جي کوٽ ۽ شهري آباديءَ ۾ اضافي جي پسمنظر ۾ سائي ڊيزائن ۽ مسلسل آرڪيٽيڪچر هاڻي هڪ ضرورت بڻجي چڪا آهن. جديد دور جو گهر رڳو رهائش لاءِ جاءُ ناهي، پر ماحول سان هم آهنگ، توانائي بچائيندڙ، ۽ مستقبل لاءِ محفوظ بڻجندڙ جاءُ هئڻ لازمي آهي.
هن حوالي سان سينٽر فار پيِس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشِي ايٽو (CPDI) پاران گرين زمين فيلوشپ پروگرام جي ڪوهوٽ–16 تحت هڪ ڏينهن تي مشتمل سکيا ۽ مکالماتي سيشن جو اهتمام.هن جو مقصد پاڪستان ۾ پائيدار ترقي، صاف توانائي، ماحول دوست رهائش ۽ سائي ٽيڪنالاجي متعلق بحث کي هٿي ڏيڻو آهي۔سيشن ۾ ٻن اهم موضوعن تي تفصيل سان ڳالهايو ويندو،هڪ پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيلز: پاليسي، ترقي ۽ لڳاتار چيلينجز”۽ ٻيو سائي ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر: رهائش کي نئين سوچ سان ترتيب ڏيڻ”آهي .هن ۾ ماحولياتي ماهر، توانائي شعبي جا پروفيشنل، محقق، صحافي ۽ پاليسي سازن کي سڏ ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي پنهنجو تجربي، ماهريت ۽ بصيرت سيشن ۾ پيش ڪري سگهن، جنهن سان پاڪستان ۾ صاف توانائي ۽ ماحول دوست پاليسين کي هٿي ملي سگهي۔
سيشن ۾ ماهرن پاران هي سوال نما موضوع کنيا ويا ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي ڪهڙي مرحلي تي آهي؟ بنيادي ڍانچي، چارجنگ اسٽيشنن، بيٽري ٽيڪنالاجي، ۽ مالي سهولت جي کوٽ ڇو ترقي جي رفتار کي سست ڪري رهي آهي؟هن چيو ويو ته هن وقت پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ ڪتيرين ڪمپنين جي طرفان اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون، اليڪٽرڪ رڪشا،اليڪٽرڪ ننڊيون گاڏيون ۽ ڪجهه شهرين ۾ بسون متعارف ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ ڪراچي ،لاهور ۽ اسلام آباد شامل آهن ڪجهه سنڌ جا آهي به آهن ماهرن جو چوڻ آهي ته اي-وهيلز پاڪستان لاءِ ايندڙ سالن ۾ نه صرف ڪاربان ايمشن گهٽائڻ جو اهم ذريعو ثابت ٿي سگهن ٿيون، پر وڏي پيماني تي پيٽرول ۽ ڊيزل تي خرچ ٿيندڙ قومي زرِ مبادلا کي به بچائي سگهن ٿيون۔ پر هن شعبي کي سرڪاري توجهه، خانگي سيڪٽر جي سيڙپڪاري، مناسب قانون سازي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ واڌ جي سخت ضرورت آهي۔انهيءَ سيشن ۾ هي نقطا به تفصيل سان سمجهايا وياته اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنن جي موجوده صورتحال ۽ نيون ضرورتون آهن .مارڪيٽ ۾ گاڏين جي دستيابي، قيمتون ۽ صارفين جا تجرباچا آهن .ماحولياتي فائدا ۽ شهري علائقن ۾ هوا جي معيار تي اثرٿي سگهي ٿو.هن چيو ويو ته ڇا حڪومت جون موجوده پاليسيون صنعت جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪن ٿيون يا نه؟هن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ چارجنگ انفراسٽرڪچر اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي .وڏن شهرن کان ٻاهر هاءِويز مووٽيز۽ ديهي علائقن ۾ چارجز موجود نه آهي .ماهرن هي به خدشوظاهر ڪيو ته بيٽريون مهانگيون آهن ۽ مقامي سطح تي بيٽري ٺاهن جو عمل شروع نه ٿيوآهي .ڪيترن صارفن کي بيٽري جي زندگي ،گرمي ۾ ڪارڪردگي ۽ سارسڀنال جي فڪر رهندي آهي .مارڪيٽ ۾ اليڪٽرڪ گاڌين جا اسپيئرپارٽس ۽ تربيت افتي ٽيڪنشين تمام گهٽ آهن .جنهن ڪري سروس مهانگي ۽ مشڪل آهي .ماهرن چيو ته عام ماڻهو اڃاتائين روايتي گاڏين کي ترجيع ڏئي ٿو چائنا اي وي گاڏيون مهانگيون آهن ۽ بئنڪن جو قسطن جو پروگرام محدود آهي.ماهرن چيو ته پاڪستان ۾ اي وي شعبي کي ترقي ڪرڻ جي لاءِ چارجنگ اسٽيشون وڌيڪ ٺاهن پونديون .مقامي بيٽري جي پيداوار م اضافو ڪرڻ پوندو .قميتون گهٽ ڪرڻ پونديون ،ٽيڪنشن ٽرينٽگ ڏئي پوندي ۽ شهري ۽ ديهي علائقن ۾ آگاهي پروگرام ڪرڻ پوندا .
سيشن جي ٻئي حصي ۾ سائي ڊيزائن، ماحولياتي تعمير، توانائي بچت ڪندڙ گهرن ۽ رهائش جي نئين تصور تي بحث ڪيوويو۔ ماهر ٻڌائيندا ته دنيا ۾ هاڻي "گريـن آرڪيٽيڪچر” ڪيئن هڪ ضرورت بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان جهڙي موسمياتي خطري واري ملڪ ۾ اهو ڪيترو اهم ٿي چڪو آهي۔ان ۾ خاص طور تي هي نقطا شامل ڪيا ويا .تعمير ۾ ماحول دوست مواد جو استعمال ڪيو وڃي .سج جي توانائي، مينهن جي پاڻي جي بچت، ۽ قدرتي وينٽيليشن جو موثر استعمال ڪرڻ گهرجي .شهري ۽ ديهي علائقن لاءِ پائيدار گھرن جا ماڊل تيار ڪيا وڃي .گهٽ خرچ، وڌيڪ فائدي واري “گريـن هائوسنگ” جو مستقبل ڇا هوندو .چڳو ڊيزائن ذريعي حرارتي توانائي جي بچت ٿي سگهجي ٿي .ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن رهائشي منصوبن ۾ سائي اصولن کي شامل ڪيو وڃي ته نه صرف عمارتن جا خرچ گهٽجي سگهن ٿا، پر ملڪ ماحولياتي خطري ۾ به نمايان گهٽتائي آڻي سگهي ٿو