ھڪ ڀيرو وري مائنس ون فارمولو ۽ ان جي ڪاميابي جو سوال

تحرير: زاهد علي ڀٽو

 پاڪستان جي سياسي تاريخ به ڏاڍي  عجيب غريب رهي آهي۔ بلڪه تمام رحم جوڳي رھي آھي ،جيئن سياست ۽سياستدان ڪنهن عام غريب پاڪستاني جي وس ۽ پھچ ۾ ناهي تيئن ئي سياست جي شطرنج جهڙي راند جي رانديگرن جي ڏور انهن کان ڏاڍن جي هٿ وس رهي آھي۔اهي وڏا سردار ، ٽُوز خان،ڪانڀو خان ، سياستدان سگهارين ڌرين آڏو بيوس ۽ لاچار رهندا آيا آھن۔

لياقت علي خان کان وٺي  پاپولر ۽ ذهين سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو تائين خاص نرسري  مان تربيت ماڻي سياست ۽اقتدار جي مسند تي ويهي مزا ماڻيندڙ ميان نوازشريف توڙي خاص اسائنمينٽ تحت پالي تاتيل خصوصي  طور سنڌ جي سياست ۾ ٿاپيل الطاف کان وٺي  استعمال ڪري ڦٽي  ڪيل آفاق تائين ،عشرت العباد هجي يا ڪمال مصطفٰي،  سڀ کي هڪ هڪ ڪري سائيڊ لائين ڪيو ويندو رهيو آ ۽ شھيد جمهوريت محترمه بينظير صاحبه کان وٺي مفاهمت جي باشادھ آصف زرداري تائين سڀ خوشي سان يا مجبورن انهن سگهارين ڌرين جي ”صلاح“ کان سواءِ سياسي  ميدان ۾ پير ٽڪائي نه سگهيا آھن نه ئي هلي سگهندا، هڪڙي چوڻي پاڪستاني  سياستدانن تي ٺهڪي ٿي اچي ته پشاور ۾  رهڻو آهي ته پٺاڻن کي سهڻو پوندو.

 عالمي سطع تي مڃيل مڃايل ليڊر محترمه بينظير صاحبه جمهوريت بچائڻ خاطر ميثاق جمهوريت توڙيء ٻيا ڪيئي قدم کنيا پر وقت سان گڏ سڀ ڍير ٿيندا ويا۔ مقصد ته هن ملڪ ۾ طاقتور ڌرين جي هميشه هڪ مکيه ايجنڊا رهي آ ته عوام ۾ مقبول ليڊرن کي سائيڊ لائين ڪيو وڃي۔ اهي ڀلي مين اسٽريم سياست جا ليڊر هجن يا علاقائي  لساني طور ٺهيل تنظيمن جا نام نهاد اڳواڻ هجن ،تن مان ڪن کي مال ملڪيت ڏئي خريد ڪيو ويو۔ ان ڏس ۾مهراڻ  بينڪ اسڪينڊل۽ اصغر خان ڪيس آڏو آھن۔

گذريل  ڪجهه عرصي کان پاڪستاني سياست ۾ مائنس ون فارمولا منصوبي  تي عملدرآمد لاءِ ظاهري توڙي پس پرده ڪوششون ٿينديون رهيون آهن پر ان فارمولا واري ايجنڊا تي عملي ڪم منهنجي نظر ۾ شايد لياقت علي خان جي دور کان يا شيخ مجيب کي سائيڊ لائين ڪرڻ کان شروع ٿيو،پوءِ آھستي آھستي ان  خيال خواهش جي تڪميل هن مهل تائين مرحلي وار جاري آھي۔جنهن تحت الطاف حسين مائنس ايم ڪيو ايم۔پ پ پ مائنس محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۽ نون ليگ ميان نوازشريف  مائنس تائين فارمولا ڪامياب رهيو آھي ۽ عمران خان جي تبديلي  حڪومت جنهنکي مالڪن جي سليڪٽڊ حڪومت  چيو ويندو هو ، سياسي توڙي اصلي ڌڻين سان معاملن کي سھي Tackle نه ڪرڻ،آئي ايس آئي چيف جي مقرري، جي ايڇ ڪيو سميت آھن ادارن تي حملن جا ڪيس ،اھم ادارن خلاف بيان بازي،عوام کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ سميت ڪافي الزام هڻي عمران خان جي سياست توڙي شخصيت جو بٺو ويھارڻ جون ڪوششون توڙي جو عمران خان جيل ۾  قيد و بند آھي  جيڪو پاڪستان جو چونڊيل وزير اعظم رهي چڪو آھي ان لاءِ غداري جا ڪيس ۽ کيس ڦاھي ڏيڻ جون ڳالھيون ۽ مطالبا ٿي رھيا آھن ،سندس ويجھا ساٿي ،عليم خان ،فواد چوڌري سميت ڪيئي سياسي سفر جا ساٿي ڌار ڪيا ويا پوءِ به پي ٽي آئي ۽ عمران خان حامين توڙي مخالفن جي وات وائي آھي .ڏھ ڊسمبر 2025 اربع ڏينھن سينيئر اينڪر پرسن حامد مير جيو ٽي وي تي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ تي اھا ڳالھ گھرائي ته هي ٽي آئي مائنس عمران خان تي ڪم ڪڏھن جو شروع آھي ،عمران خان کي جيل ۾ وجهي بيرسٽر گوهر کي پي ٽي آئي ليڊر بڻايو ويو پر عمران خان جا چاهيندڙ عمران خان کي ئي ليڊر چون ٿا ٻيو ڪَنهِن کي ليڊر نٿا مڃين.

مائنس ون فارمولي جي حوالي سان پروگرام ڪيپيٽل ۾ حامد  مير ويھه سال اڳ اڳوڻي صدر مرحوم پرويز مشرف کان ورتل انٽرويو جو ڪلپ ڏيکاري پروگرام ۾ مهمان طور آيل رانا ثناالله کي مخاطب ٿي چيو ته هن انٽرويو ۾ مشرف چئي رهيو هو ته نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو کي پاڪستان اچڻ نه ڏبو اھي ٻاھر جلاوطن رھندا پاڪستاني سياست ۾ ٻنھي جو باب بند ٿي ويو آهي ،پر ھن وقت نه صرف مشرف اقتدار ۾ ناھي پر ھن دنيا ۾  به ناھي رھيو ،نوازشريف ۽ بينظير ڀٽو پاڪستان به آيا ۽ اڃا تائين سياست ۾. به نالو اٿن توڙي جو محترمه بينظير ڀُٽو صاحبه شهيد ٿي چڪي آهي .اهو حوالو ۽ تفصيل ڏئي حامد مير رانا ثناءُالله کان پڇي ٿو ته ڇا توھانجي خيال ۾ مائنس ون فارمولي تحت ،مائنس عمران خان پي ٽي آءِ واري ٿيوري ڪيئن سمجھيو ٿا !؟

ته رانا ثناءُالله ،عمران خان جي مخالفت ۾ چئي ٿو نوازشريف ۽ بينظير ڀٽو سياستدان ھئا سياست ڪندا ھئا پر عمران خان سياست نٿو ڪري کيس سياست ناھي ايندي جو ادارن خاص طور تي آرمي ۽ آرمي چيف کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو،رانا ثناءُالله جي ڳالھين جو سڌو اڻسڌو مطلب ته طاقتور ڌريون پي ٽي آئي نه ته عمران خان کي سياست مان مائنس ڪيو وڃي. اها ته هئي رانا ثناالله ، نون ليگين ۽ عمران خان جي سياسي مخالفن جي ، گردش ڪندڙ ٿيوري مائنس عمران خان پر اصل واڳ ڌڻين جي ڇا مرضي آھي!؟ ان کان اڳ جڏھن عمران خان جي حڪومت ھئي ان وقت به ان ٿيوري مائنس عمران خان پي ٽي آءِ جو خبرون افواھن جي صورت ۾ سياسي آسمان تي اڏامي رھيون ھيون ته سندس سموري حڪومت کي ختم ڪرڻ بدران ان هائوس تبديلي ذريعي کيس اقتدار کان هٽائي ساڳي تحريڪ انصاف حڪومت   هوندي پر وزير اعظم عمران نه بلڪه سندس ڪابينا جي وزيرخارجه ۽ پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ سيد شاھ محمود قريشي  کي وزيراعظم بڻايو ويندو ۽ پي ٽي آءِ مان به عمران جو  پتو ڪٽي شاھ محمودقريشي حوالي ڪئي ويندي۔

وري ھاڻي ھڪ دفعو ٻيھر مالڪن پاران توڙي رانا ثناءُالله ٽائيپ ڪوششن ۾ آھن ته عمران خان ھڪ ڀيرو ٻيهر مائنس ون فارمولا استعمال ڪري  جي سياست ختم ڪرڻ لاءِ پي ٽي آئي مائنس عمران خان ڪرڻ جون ڳالهيون گردش ۾ آهن  اهڙي افواهن ۾ ڪيتري صداقت آ سا صحيح خبر”مالڪن “کي  .!  هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته  ڇا پاڪستان جي سياست ۾ اهو مشن مائنس ون فارمولا جو باب بند ڪيو ويندو يا اڳتي به جاري و ساري رهندو ؟ ۽ سياست کي پنھنجي مرضي ۽ منشا موجب ڪنٽرول ڪيو ويندو !؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.