جيڪب آباد(ڊ.ر) ڪُڪڙ کي ڪاڻو ڇو چئي! جتوئي ۽ ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڪهاڙي لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 13 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل خبر موجب جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد علي بهار لاڙي وٽ ڪُڪڙ کي ڪاڻو چوڻ تي جتوئي ۽ ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ڌرين هڪٻئي مٿان لٺين ڏنڊن ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن سبب ککراڻي ڌر جا 6 ڄڻا انور علي، جڙيل ککراڻي، محمد صلاح، منير ککراڻي، شمن علي ۽ زاهد ککراڻي زخمي ٿي پيا جڏهن ته جتوئي ڌر جا 7 ڄڻا منير احمد، راشد علي، ساجد جتوئي، رحيم بخش، نديم، منظور احمد ۽ احمد خان جتوئي زخمي ٿي پيا آهن زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي آهي جتوئي ڌر جي ماڻهن الزام لڳائيندي چيو ته ککراڻي ڌر جي ماڻهن اسان جي ڪُڪڙ کي ڪاڻو چيو آهي جنهن معاملي تي جهيڙو ٿي پيو آهي .