ھمايون ويجھو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو، سکر ايڪسپريس ذري تان بچي وئي

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي)ھمايون شريف ويجھو ريلوي ٽريڪ تي  بم ڌماڪو،  پٽڙي اڏامي وئي. همايون شريف  ويجهو ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪو ٿيو آهي. ڌماڪي سبب پٽڙي ڌماڪي سان اڏامي وئي ڌماڪي واري ھنڌ ٻه فوٽ کڏو پئجي ويو آھي پوليس مطابق  ڌماڪو سکر ايڪسپريس ٽرين جي گذرڻ کان جلد پوءِ ٿيو، جنهن سبب سکر ايڪسپريس وڏي جان نقصان کان بچي وئي . مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته ٽرين گذرڻ کان پوءِ اوچتو زوردار ڌماڪو ٻڌو ويو، جنهن علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. جعفر ايڪسپريس ۽ خوشحال خٽڪ ٽرين کي جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو آھي ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، رينجرز ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ  شروع ڪري ڏني آھي  بم ڊسپوزل اسڪواڊ مطابق  شروعاتي ثبوتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڌماڪو ريلوي ٽريڪ هيٺان رکيل بارود استعمال ڪندي ڪيو ويو.وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.