ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سنيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اي پي ايس سانحي جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تھ اي پي ايس سانحي کي 11 سال مڪمل ٿيڻ تي اسان علم، امن ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ پنھنجون حياتيون قربان ڪندڙ معصوم گلڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ اي پي ايس جو سانحو اسان جي تاريخ جو اھو دردناڪ باب آھي جنھن پوري قوم کي ھڪ سڳي ۾ پوئي ڇڏيو آھي، دھشتگردي جي خلاف جنگ رڳو رياست جي نھ پر پوري قوم جي گڏيل ذميواري آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ شھيدن جو رت اسان کي اھو پيغام ڏئي ٿو تھ خوف، نفرت ۽ انتھاپسندي جي انڌيرن کي تعليم، شعور ۽ اتحاد جي روشني سان شڪست ڏئي سگھجي ٿي، اسان کي عھد ڪرڻو پوندو تھ اسان پنھنجن ٻارن کي محفوظ، پرامن ۽ ترقي يافتھ پاڪستان ڏينداسين، جتي علم جي طاقت بندوق کان وڌيڪ ھُجي. ھن چيو تھ قوم جي اصل طاقت ھن جا نوجوان آھن، اي پي ايس جي شھيدن جي قرباني اسان کي حوصلو، استقامت ۽ اميد جو سبق ڏئي ٿي، شھيدن جي مشن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ھر سطح تي دھشتگردي ۽ انتھاپسندي جي خلاف جدوجھد جاري رکنداسين.