لاڙڪاڻو (رپورٽ: علي ساجد تنيو) لاڙڪاڻو شهر جي لهر ڪالوني، حيدري ٿاڻي جي حدن ۾ گيس سلينڊر جي زوردار ڌماڪي سبب پنج گهرن جون ڇتيون ڌماڪي سان ڪري پيون، جڏهن ته ڪيترائيماڻهو ۽ معصوم ٻار ملبي هيٺان دٻجي ويا. ڌماڪو مختيار جتوئي جي گهر ۾ ٿيو، جنهن جي شدت سبب ڀرپاسي جا ٽي کان وڌيڪ گهر به سخت متاثر ٿيا. ڌماڪي ۽ ڇتين ڪرڻ سبب 50 ورهين جي عورت ياسمين موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻارن سميت 7 کان وڌيڪ ماڻهو سخت زخمي ٿيا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122، پوليس، ميونسپل عملي ۽ علائقي جي ماڻهن گڏجي فوري طور تي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. ملبي هيٺان دٻيل زخمين کي ڪڍي ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ 12 ورهين جي عليشا، 10 ورهين جي زويا، انوشا، عريبا، عريشا ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽرن موجب چار ٻارن جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمي وينٽيليٽر تي آهن. پوليس موجب ڀت ڪرڻ سبب پنج معصوم ٻار ملبي هيٺان دٻجي ويا، جن مان چار ڀينرون ڪڍي اسپتال منتقل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هڪ ٻار جواد آخري اطلاع تائين ملبي هيٺان دٻيل هئڻ سبب ريسڪيو ڪارروائي جاري آهي. علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇانيل آهي ۽ ماڻهو سوڳ ۾ مبتلا آهن. مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کان پوءِ پوري ڪالوني ۾ افراتفري مچي وئي، جڏهن ته ڪيترن گهرن کي سخت مالي نقصان پهتو. انتظاميا موجب ريسڪيو عمل مڪمل ٿيڻ تائين علائقو سيل رکيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر خاندانن جي مدد لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته غير معياري گيس سلينڊرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن المناڪ واقعن کان بچي سگهجي.