بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين جي نوجوان رمضان کوسو جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ ايس ايڇ او جي استعمال ٿيل گاڏي رڪور نه ڪرڻ جاچ ٽيم پاران ملوث مک جوابدار ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ کي بچائڻ واري معاملي تي ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ سان فريادي عبدالسلام، اسلم کوسو، پنھون کوسو ۽ عبدالمجيد کوسو پاران ملاقات ڪريپوليس جي جاچ رپورٽ ۾ نا انصافي ٿيڻ تي بي اعتمادي ڪئي وئي. ايس ايس پي ٿرپارڪر يقين ڏيارو ته قاتل گرفتار آھن، آئون ڏيپلو جو آھيان رمضان کوسو جو قتل ۾ ملوث جوابدار قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيون پيا. ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ عوامي آوازسان ڳالھيندي چيو ته رمضان کوسو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن شوڪت راھمون جيڪو پوليس اھلڪار آھي ۽ پوليس اھلڪار لال محمد بجير کي گرفتار ڪري وٺنداسين. وارث چاھين ته جاچ ٽيم تبديل ڪرائي سگھن ٿا، اسان ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ خلاف رپورٽ موڪلي ڇڏي آهي. ملوث پوليس اھلڪارن جوابدارن کي شوڪاز ڏنا ويا سڀني کي 10 ڏينھن اندر ڊمس مس آف سروس ڪيو ويندو.