پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ميان منظور احمد وٽو لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (بيورو) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ميان منظور احمد وٽو لاڏاڻو ڪري ويو. ميان منظور احمد وٽو گهڻي عرصي کان بيمار هو ۽ سندس لاڏاڻو 95 ورهين جي عمر ۾ ٿيو آهي. ميان منظور وٽو جو واسطو پنجاب جي ضلعي اوڪاڙا سان هو، جڏهن ته هو پنجاب جو وڏو وزير ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ رهيو. ميان منظور وٽو 3 ڀيرا پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جي عهدي تي رهيو ۽ پوءِ پنجاب جو وڏو وزير به چونڊيو. سندس لاڏاڻي تي مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.