سنڌ اسيمبلي ۾ ٽٽل روڊن ۽ يونيورسٽي ٺاهڻ جي قرارداد رد، مقامي حڪومتن کي اختيار ڏيڻ بابت ٺهراءُ جي مخالفت

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي شروعات ۾سنڌ اسيمبلي پاران پشاور ۽ اوڀر پاڪستان سانحي جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾پرائيويٽ ميمبرن جي ڏينهن جي موقعي تي مخالف ڌر پاران پيش ڪيل ڪيتريون ئي قراردادون رد ڪيون ويون، جڏهن ته ايوان گڏيل طور تي اوڀر پاڪستان سانحي دوران پاڪستاني فوج سان گڏ پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ واري قرارداد منظور ڪئي وئي. اوڀر پاڪستان سانحي تي قرارداد پيش ڪندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر اعجاز الحق چيو ته اسان پاڪستاني فوج سان گڏ پنهنجين جانين جي قرباني ڏيندڙ بهارين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ايوان کي خطاب ڪندي گهرو ۽ پارلياماني معاملن جي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اسان کي هن قرارداد جي مخالفت ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ اسان اوڀر پاڪستان جي شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ميمبر غلام قادر چانڊيو چيو ته قرارداد ۾ اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته رڳو هڪڙي قوم قرباني ڏني آهي. قرارداد پيش ڪندڙ پنهنجي قرارداد پيش ڪندي ڪجهه نقطا پڻ شامل ڪيا جيڪي مناسب نه هئا. ان موقعي تي اسپيڪر ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ميمبر اعجاز الحق جي قرارداد ۽ سندس تقرير جي ٻين نقطن کي حذف ڪرڻ جي رولنگ ڏني، جنهن تي اعجاز الحق چيو ته ان تي اسان جهڙن سياسي ڪارڪنن کي ڏک پهتو آهي، اسان ڪڏهن به پاڪستان لاءِ ڪو مختلف نعرو ناهي هنيو، اسان پنهنجي جان ڏئي پاڪستان جو نعرو بلند ڪيو. بعد ۾ايوان سندس قرارداد جي منظوري ڏني. ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر طحه احمد مقامي حڪومتن کي مالي خودمختياري ڏئي جمهوري استحڪام کي يقيني بڻائڻ بابت قرارداد پيش ڪئي. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته آرٽيڪل 140 اي پڻ پيپلز پارٽي پاران متعارف ڪرايو ويو آهي. انهيءَ معاملي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڻ موجود آهي. هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 140 اي وضاحت ڪري ٿو ته صوبائي حڪومت اهو فيصلو ڪندي ته مقامي ڪائونسلن کي ڪيترو اختيار ڏيڻو آهي، سنڌ ۾واٽر بورڊ ۽ واسا کي ميئر جي حوالي ڪيو ويو. هن تجويز پيش ڪئي ته اهي گڏجي ويهي فيصلو ڪن ته ڪيترو اختيار ڏيڻو آهي. قانون سازي اسيمبلي جو ڪم آهي. پارلياماني معاملن جي وزير ضياءُ الحسن لنجار پڻ ان جي حمايت ڪندي چيو ته هن معاملي کي گڏيل صلاح مشوري تحت حل ڪيو وڃي، اسان اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين جيڪو صوبي جي مفاد ۾ هوندو. ضياءُ الحسن لنجار يقين ڏياريو ته هن معاملي تي هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي جنهن تي طحه احمد پنهنجي قرارداد واپس وٺي ڇڏي. اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر عادل عسڪري پاران هڪ قرارداد پڻ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪراچي جي آبادي کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ هڪ عام يونيورسٽي قائم ڪرڻ ضروري آهي. يونيورسٽين جي وزير اسماعيل راهو قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اعليٰ تعليم ۽ يونيورسٽين کي 42 ارب رپين کان وڌيڪ گرانٽ ڏئي رهي آهي. هن وقت ٽيهه سرڪاري يونيورسٽيون موجود آهن، جنهن مان رڳو ڪراچي ۾9يونيورسٽيون ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته حڪومت فنڊ ۽ پروگرامن جي سرپرستي پڻ ڪري ٿي. هن چيو ته سرڪار ڪاٺور روڊ تي هڪ ايجوڪيشن سٽي ٺاهي رهي آهي، وڌيڪ يونيورسٽيون پڻ ٺاهيون وينديون. بعد ۾ايوان پاران اهڙي قرارداد کي رد ڪيو ويو. ايوان جي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر قرة العين فائر برگيڊ سسٽم کي جديد بڻائڻ بابت قرارداد پيش ڪئي. پارلياماني معاملن جي وزير ان جي حمايت ڪئي ۽ جنهن کي منظور ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي ميبر سنڌ اسيمبلي صابر قائمخاني سنڌ اسيمبلي ۾ٻيلا ۽وڻ لڳائڻ بابت قرارداد پيش ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي، پارلياماني سيڪريٽري هير سوهو ان جي مخالفت ڪئي. ايم ڪيو ايم ميمبر عامر صديقي هڪ قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪراچي جي ٽٽل روڊن جي تعمير لاءِ پئسا مليا آهن پر اها مليل رقم خرچ نه پئي ڪئي وڃي، جنهن جي پڻ حڪومت مخالفت ڪئي. پارلياماني سيڪريٽري سراج قاسم سومرو چيو ته هي ڪم اڳ ۾ ئي جاري آهي، هڪ ڀيرو هي ڪم مڪمل ٿي ويندو، پوءِ اسان ان بابت ڳالهائينداسين. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ايندڙ جمعي واري ڏينهن، وقت: 2:30 وڳي منجهند تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.