اسلام آباد(مطيع الله جان)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه رٽائرڊ جنرل فيض حميد بابت گذريل ٻن ڏينهن کان هڪ نئون ٽرينڊ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ جنرل فيض حميد تي اهڙا الزام به لڳايا پيا وڃن، جن جو شايد سڌو سنئون واسطو به نه هجي۔ سوال اهو آهي ته هن بحث جو اصل سبب ڇا آهي؟ صحافي ڪامران يوسف لکي ٿو ته بظاهر جنرل فيض حميد کي سزا ملڻ جو بنيادي سبب اهو لڳي ٿو ته هن پاڪستان تحريڪ انصاف بابت فوجي پاليسيءَ کان انحراف ڪيو۔ فوج جي پاليسي عمران خان کي اقتدار کان هٽائڻ جي هئي، جڏهن ته جنرل فيض حميد مبينا طور عمران خان لاءِ نرم رويو رکندو رهيو يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙا قدم نه کنيا، جيڪي کڻڻ گهرجن ها۔ اها ئي ڳالهه اصل ۾ هن جي سزا جو سبب بڻجي۔اڄ حڪمران جماعتون، خاص ڪري مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي، فيض حميد کي 14 سال سزا ملڻ تي اهڙي طرح خوشيون ملهائي رهيون آهن ڄڻ جمهوريت کٽي وئي هجي۔ بينظير ڀٽو چوندي هئي “جمهوريت بهترين انتقام آهي”، ۽ اڄ بلاول ڀٽو اهڙي انداز سان جشن ملهائي رهيو آهي ڄڻ جمهوريت واقعي انتقام وٺي ورتو هجي۔حقيقت اها آهي ته هن سزا سان نه جمهوريت کي فتح ملي آهي، نه سول بالادستي قائم ٿي آهي۔ “ووٽ کي عزت دو” جو نعرو هڻندڙن کي به سمجهڻ گهرجي ته فيض حميد جي سزا سان اصل حقيقت اها آهي ته فيض حميد کي سزا فوجي نظم و ضبط (ڊسيپلن) ٽوڙڻ ۽ چين آف ڪمانڊ کي چئلينج ڪرڻ سبب ملي آهي۔ اهو ئي پيغام آهي ته ادارتي نظم جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته آئين جي ڀڃڪڙي “فرض” سمجهي به ٿي سگهي ٿي،فيضَ حميد کي سزا رڳو اهو ثابت ڪري ٿي ته ادارن ۾ وفاداري اهم آهي، اصول نه،سياسي پارٽي کي قانوني طور ختم ڪري سگهجي ٿو،پر ماڻهن جي دلين مان ڪڍڻ ممڪن ناهي۔