ايڇ آر سي پي پاران ڊان جي سرڪاري اشتهارن جي بندش تي ڳڻتي

ڪراچي(ع آ نيوز) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايچ آر سي پي) ملڪ ۾آزاد ۽ تنقيدي صحافت لاءِ گهٽ ٿيندڙ گنجائش تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي ”ڊان ميڊيا گروپ“ تي سرڪاري اشتهارن جي پابندي شامل آهي. اهو بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهيجڏهن مختلف ميڊيا تنظيمن ”ڊان ميڊيا گروپ“ جي ٽي وي ۽ ريڊيو چينلز تي سرڪاري اشتهارن جي اڻ اعلانيل پابندي جي سخت مذمت ڪئي آهي، جيڪا پهريان ڊان اخبار تي اشتهارن جي پابندي لڳڻ کان پوءِ لڳائي وئي هئي. ايچ آر سي پي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو، "ايچ آر سي پي ملڪ ۾ آزاد ۽ تنقيدي خبر رسانِي لاءِ گهٽ ٿيندڙ گنجائش تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو، جنهن ۾ ”ڊان ميڊيا گروپ“ تي 13 مهينن کان جاري سرڪاري اشتهارن جي پابندي پڻ شامل آهي، جيڪا تازو ڊان نيوز۽ سي ٽي ايف ايم 89 تائين وڌائي وئي آهي. "ڪميشن وڌيڪ چيو ته، "هي ڳالهه ستم ظريفي کان گهٽ ناهي، جو ڊان جو باني محمد علي جناح، آزادي صحافت جو علمبردار هو. ايچ آر سي پي موجب، رياستي اشتهار جيڪي عوامي وسيلن تي مشتمل آهن، چونڊيل انداز ۾ روڪڻ تيزي سان ”دٻاءُ وجهڻ وارو اوزار“ بڻجي رهيو آهي، جنهن ذريعي ميڊيا ادارن تي اثر انداز ٿيڻ، اداري جي فيصلا بدلائڻ ۽ تنقيدي صحافت کي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.