اسلام آباد(م ڊ)تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي اڳواڻن قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شير پائو سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات کان پوءِ آفتاب شير پائو ۽ اسد قيصر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسد قيصر چيو ته اڄ آئين عملي طور تي ختم ٿي چڪو آهي، عدليه ڪمزور ٿي وئي آهي. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته 1973ع جي آئين کي ان جي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي، اين ايف سي ايوارڊ جي معاملي تي به ڳالهيون هلي رهيون آهن. اسد قيصر چيو ته اسان جو اڳواڻ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ جيل ۾ آهي. آفتاب شير پائو چيو ته 1973ع جي آئين ۾ وڌيڪ تبديليون قابلِ قبول نه هونديون، جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو ته معيشت به اڳتي نه وڌندي. هن چيو ته پشاور جرگي ۾ به اسان يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، اي پي ايس سانحي جا زخم اڄ به تازا آهن، موجوده صورتحال ٻيهر نازڪ بڻجي وئي آهي. قومي وطن پارٽي جي سربراهه چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀئي سياسي جماعتون گڏ ٿين، 18هين ترميم ۾ ڪا به تبديلي قابلِ قبول نه هوندي. هن وڌيڪ چيو ته نون صوبن بابت جيستائين اتفاقِ راءِ نه ٿيندو، اهو عمل جوڳو نه هوندو، عوام جي راءِ سڀ کان اهم آهي ۽ ان کي مڃڻ اسان سڀني جو فرض آهي۔