اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران ڊگري ڪيس ۾ جسٽس جهانگيري جا اعتراض رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق جهانگيري جي ڊگري سان لاڳاپيل ڪيس ۾ انهن جا ٻه اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ڊويزن بينچ هن معاملي تي تحريري حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي ٻه رڪني بينچ جوڙي وئي آهي، ۽ بينچ جي جوڙجڪ چيف جسٽس جو صوابديدي اختيار آهي. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج جي ڊگري بابت سنگين الزام سامهون آهي ۽ اهڙي قسم جي معاملي ۾ خاص بينچ جوڙڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. ان کان علاوه، جسٽس طارق جهانگيري جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر تي تعصب جي اعتراض کي قانوني جواز کان خالي قرار ڏنو ويو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اعليٰ عدليه 1966 کان 2023 تائين پنهنجي فيصلن ۾ جج تي اعتراض ڪرڻ جا اصول واضح ڪيا آهن، ۽ جسٽس طارق جهانگيري جي چيف جسٽس تي تعصب جي اعتراض جي لاءِ ڪو به قانوني سبب ناهي ڄاڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.