اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي اي پي ايس سانحي جو حقيقي انصاف هوندو. آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي يارهين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڄي قوم شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي، جن وطن جي مستقبل لاءِ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته اهو جيءُ جهوريندڙ سانحو سڄي قوم لاءِ هڪ آزمائش هو، جنهن دلين کي ڏک سان ڀري ڇڏيو پر حوصلي کي نه گهٽائي سگهيو، معصوم ٻارن، استادن ۽ عملي جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون، پاڪستان جي سرزمين تان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي سانحي جو حقيقي انصاف آهي.