اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) معاشي ماهرن موجب پاڪستان ۾ قرضن جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن جو بار واپسڪرڻ ڏکيو ٿي رهيو آهي. خاص طور تي فارن ڪرنسي وارا قرض واپس ڪرڻ ڏکيو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته موجوده بجيٽ اسٽرڪچرل مسئلن سبب قرضن جي وڌندڙ شرح کي قابو ڪرڻ ممڪن ناهي، ان لاءِ بنيادي سڌارا ضروري آهن. شهباز شريف جي 2023 ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊيفالٽ جو جو خطرو ته گهٽيو پر معاشي صورتحال جهڙوڪ مهانگائي، بي روزگاري، غربت ۾ واڌ ۽ برآمدات گهٽجي رهيون آهن، ۽ صنعتي پيداوار وڌڻ جو عمل به سست آهي. معاشي بهتري جا آثار اڃان نظر نه ٿا اچن. هن چيو ته اسان کي قرض لاهڻ لاءِ ٻيو قرض وٺڻو پوندو. قرضن جو معاملو نه عمران خان کي سمجهه ۾ آيو هو نه ئي مسلم ليگ ن وارن کي سمجهه ۾ اچي ٿو، اهو اسٽرڪچرل مسئلو آهي جنهن جي ڪري اوهان قرضن ۾ وڌيڪ ٻڏندا ويندا. اسان سان اين ايف سي جو مسئلو آهي، اسٽرڪچرل بجيٽ مسئلو آهي، حڪومت بنيادي سڌارا ناهن آندا جيڪا خطري جي گهنٽي آهي. ڊفالٽ جي خطري کان بچڻ واري ڳالهه ٺيڪ آهي پر اهو چوڻ ته معاشي واڌ ٿي رهي آهي اهو ٺيڪ ناهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي ۽ گئس ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگي آهي، اهو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ جي معيشت تي اثر پون ٿا ، پاڪستان جو يوٽيليٽي ريٽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو آهي. انڊونيشيا، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، ويٽنام، ڪمبوڊيا، ڏکڻ آفريڪا، تنزانيا ۽ ڪينيا جهڙن ملڪن ۾ بجلي ۽ گئس جي ريٽ پاڪستان کان تمام گهٽ آهن. هن صورتحال جو پرڏيهي ۽ مقامي سيڙپڪاري تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي، جيڪي پاڪستان ۾ اچي ڪاروبار ڪرڻ بدران انهن ملڪن جو رخ ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ ٽيڪس جي شرح پڻ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري سيڙپڪارن لاءِ هتي ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. صورتحال مقامي سيڙپڪارن لاءِ به ساڳي مشڪل بڻجي وئي آهي جيڪي اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪري رهيا آهن.
دبئي(ڪامران خان)پاڪستان ۾ صنعتون تباهيءَ جو منظر پيش ڪري رهيون آهن، پر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي،فيڪٽريون خاموشي سان بند ٿي رهيون آهن۔ هي ڪنهن هڪ صنعت جو مسئلو ناهي، پر پاڪستان جي پوري معيشت لاءِ خطري جي گهنٽي آهي۔وڏيون صنتعون شديد زوال جو شڪار آهي۔ گذريل ڇهن سالن دوران هن شعبي ۾ نجي سيڙپڪاري لڳ ڀڳ اڌ رهجي وئي آهي ، 2019ع ۾ 706 ارب رپين مان گهٽجي 2025ع ۾ رڳو 377 ارب رپيا رهجي ويا آهن۔هن صنعتي تباهي جا بنيادي سبب مهانگي توانائي، بار بار تبديل ٿيندڙ ٽيڪس پاليسيون، بلند وياج شرح، پاليسين جو عدم تسلسل ۽ سيڙپڪارن جو تيزي سان ختم ٿيندڙ اعتماد آهن۔ ان ئي سبب سيڙپڪاري ملڪ کان ٻاهر وڃي رهي آهي، جڏهن ته بنگلاديش ۽ ويٽنام صنعتي ترقي جي ڊوڙ ۾ پاڪستان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن۔
اسلام آباد(غريده فاروقي)پاڪستان تي قرض وڌي ويا پرحڪومت چوي ٿي ته پي ٽي آٰءِ غدار آهي،اپوزيشن جي صورتحال اها آهي ته معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي پر انهن جي ترجيح قيدي نمبر ”804“ آهي،پاڪستان تي اندرين قرض ۾ 11 هزار ارب رپين جي واڌ ٿي آهي،پرڏيهي قرضن ۾ 900 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي،هڪ عام پاڪستاني مٿان لکين رپين جو قرض چڙهي چڪو آهي،اهو عام پاڪستاني وڏي ذميواري ۽ ايمانداري سان ٽيڪس به ادا ڪري ٿو،تازي عرصي ۾ حڪومتي وزيرن ۽ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنسن کي ڏسجي ته بيانيو عمران خان جي چوڌاري گهمي رهيو آهي،مخالف ڌر کي رڳو عمران خان جو پٽڪو آهي،ان کان علاوه ملڪ ۾ ڪهڙا مسئلا آهن؟گورننس جا ڪهڙا مسئلا آهن؟معيشت بحران ۾ ڇو آهي؟دهشتگردي ڇو پئي وڌي؟اها به عوام جي ٻين مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي