اوٻاوڙي لڳ اغوا ٿيل 19 مسافرن مان 12 بازياب، هڪ فوت، 2 زخمي

اوٻاوڙو/گهوٽڪي/ڏهرڪي/ڪمون شهيد (نمائندن وٽان) اوٻاوڙي ويجهو کنڀڙا ٿاڻي جي حد، گڊو انٽرچينج وٽ صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر ڪوچ تي گذريل ڏينهن هٿياربندن حملو ڪري ڦرلٽ بعد 19 مسافرن کي اغوا ڪري ورتو هو جن مان 12 مسافرن کي پوليس پاران مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. گڊولنڪ روڊ تي پيش آيل واقعي کانپوءِ پوليس تحرڪ ورتو، ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومري جي اڳواڻي پوليس ۽ رينجرزجي وڏي نفري گڏيل آپريشن ڪيو. پوليس موجب، پنجاب جي علائقي ڀنگ ويجهو ڀنگ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار صفدر چاچڙ زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته 2 ڏوهاري به زخمي ٿيا. ڊي ايس پي اوٻاوڙو موجب، آپريشن دوران ڪچي طرف ويندڙ سمورا رستا سيل ڪري ناڪابندي ڪئي وئي، مقابلي ۾ 10 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو. بازياب ڪرايل مسافرن ۾ شاهد، راشد علي، محمد وزير، ذوالفقار کوکر، عمير مجاهد، محمد وسيم نقتائي، عبدالنبي اچڪزئي، شاهين اڪبر شيخ، سيد علي، عثمان، ڪريم بخش، لعل بخش سولنگي، فيروز خان شامل آهن. ڪجهه بازياب ٿيل مسافر زخمي حالت ۾ هئا، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ سيد عمار ڪريم بخش قمبراڻي ۽ عرفان علي شامل آهن. ڊي ايس پي موجب ڏوهارين ڪل 19 مسافرن کي اغوا ڪيو هو، جن مان هڪ مسافر مبينا طور دل بيهڻ سبب فوت ٿيو فوتي جي سڃاڻپ جهٽ پٽ واسي ڪريم بخش بليدي طور ٿي آهي. جڏهن ته ٻين 7 مغوي ڏوهارين جي چنبي ۾ آهن، جن جي بازيابي لاءِ سنڌ ۽ پنجاب پوليس طرفان آپريشن ڪيو پيو وڃي. پوليس بازياب ڪرايلن کي کنڀڙا ٿاڻي آندو، فوتي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد جهٽ پٽ روانو ڪيو ويو. هن وقت تائين ڪنهن به ڏوهاري گينگ واقعي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

  1. ڪنڌڪوٽ ۾ ٽي مهينا اڳ اغوا ٿيل غلام مرتضيٰ گولو آزاد نه ٿيو، وارثن جو ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ۾ 3 مھينا اڳ زورڳڙہ واري علائقي مان مبينا طور اغوا ٿي ويل پورھيت غلام مرتضيٰ گولو جي بازيابي لاءِ سندس جي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو ھٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مبينا طور اغوا ٿي ويل نوجوان جي وارثن اميربخش گولو، قائداعظم گولو، مسمات سسئي گولو، سیاسي اگواڻن غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت ڏاھاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان گالھائیندی چیو ته پورھيت نوجوان غلام مرتضيٰ گولو کي لاپتا ٿئي ٽي مھينا ٿي چڪا آهن پر ھن مھل تائين سندن ڪو ڏس پتو به ناھي ڪٿي آهي ھو بخشاپور ٿاڻي جي حد زورڳڙہ واري علائقي مان مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي سندن وارث سخت پريشان آهن. گھر ۾ روڄ راڙو متل آهي اسين ايس ايس پي محمد مراد گھانگرو کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد مسڪين پورھيت کي بازياب ڪرائي وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ھوڏانھن ڊي ايس پي سيد اصغر علي شاهه ڌرڻي واري ھنڌ پھتو جتي ھن چيو ته اسين لاپتا نوجوان جي لوڪيشن ورتي آهي ڪو به سندن ڏس پتو ناھي مليو نه وارثن ڏي ڀنگ جي ڪا ڪال وغيره آئي آهي اسين ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيون وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ڪو به ھن جو سُراخ مليو ته اسين جلد لاپتا نوجوان کي ظاھر ڪري وارثن حوالي ڪنداسين.

  1. سنڌ کي ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنھنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته قوميعوامي تحريڪ حيدرآباد ضلعي پاران 27 ھين آئيني ترميم، پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني لاقانونيت، منشيات، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف نسيم نگر چوڪ قاسم آباد ۾ 19 ڊسمبر کان 21 تائين ٽن ڏينهن جي بک ھڙتالي ڪئمپ لڳائي ويندي. اشرف پليجي چيو ته سنڌ کي منشيات، ڪرپشن، سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. سنڌ کي لينڊ مافياز ۽ قبضاگيرن جي حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رھي آھي. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ منشيات ۽ ڏوھن جو راڄ قائم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بي روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏيارينداسين. بلدياتي ادارن عوام جي دولت تي ڌاڙا ھنيا آھن، ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمينن ۽ ملوث آفيسرن کي نااھل ڪيو وڃي.

  1. پيپلز پارٽي حڪومت اغوا انڊسٽري کي هٿي وٺرائي آهي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اٻاوڙو ڀرسان مسافر ڪوچ کي ڦرلٽ بعد 17 مسافرن کي اغوا ڪرڻ وارو واقعو سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جو ثبوت آهي. ڌاڙيلن جي مان ۾ ماني جون دعوتون ڪندڙ پيپلز پارٽي حڪومت اغوا انڊسٽري کي هٿي وٺرائي آهي. 26هين ۽ 27هين ترميم کان پوءِ عدليا اهميت وڃائي چڪي آهي. ظلم خلاف چيف جسٽس پاڻ مرادو نوٽيس نٿو وٺي سگهي، قانون جي حڪمراني نه هئڻ ڪري ڌاڙيلن ۽ حڪومتي ڌر جي قبائلي سردارن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڌاڙيلن جي ڳٺ جوڙ وارو نظام مڙهيل آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 11 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي حڪومت دعوي ڪري رهي آهي پر هڪ به ڌاڙيل کي پڪڙڻ کانسواءِ پوليس مغوي بازياب ڪرائڻ جو ڪيئن اعلان ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي سرڪار ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ بدران ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيل راڄ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، 27هين آئيني ترميم، ڪارو ڪاري ۽ عورتن جي قتلن خلاف 21 ڊسمبر تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ ڪيو ويندو.

  1. اوٻاوڙو واقعو امن بابت دعوائن جي نفي آهي: ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته آئين کان انحراف ڪندڙ حڪمران ٽولو اٽو، کنڊ ۽ پاڻي چور مافيا سان گڏجي ملڪ کي تباهه ڪري رهيو آهي، فيض حميد جي سزا کان ڪجهه سبق سکڻ گهرجي، اوٻاوڙو ڀرسان موٽروي تي مسافر ڪوچ تي هٿياربندن جي فائرنگ، ڦرلٽ ۽ مسافرن کي اغوا ڪرڻ جو واقعو قابل مذمت ۽ گهرو وزير سميت سنڌ جي حڪمرانن طرفان امن امان جي دعون جي سراسر نفي آهي. گهوٽڪي واقعي مان واضح ٿي ويو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ نافذ آهي ۽ ڪنهن به شهري جي جان ۽ مال محفوظ ڪونه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي نظم جي اجلاس کي آن لائن خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي مُدي خارج نظام توڙي ظالم وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام خلاف ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ”بدلايو نظام کي ۽ سنواريو سنڌ کي“ جي نعري هيٺ تحريڪ هلائي رهي آهي جنهن تحت ڪراچي، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ وڏا جلسا پڻ ڪيا ويندا جن کي مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان توڙي ٻيا مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته 17 سالن کان سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ پ پ سرڪار عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي. عوام، بدامني، بيروزگاري، ڪرپشن سميت بي شمار مسئلن جي وَر چڙهيل آهن ڪوبه سندن دردن جو درمان ڪرڻ وارو ڪونهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ڪوٺايل کُليل ڪچهرين ۾ عوام وزيرن ۽ مُشيرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن. پ پ قيادت کي عوام جو موڊ ڏسي ڇڏڻ گهرجي. نظام ۽ قيادت جي تبديلي سان ئي عوام جا مسئلا حل ۽ سنڌ کي سنواري سگهجي ٿو. #

  1. بس تي حملو رياستي رٽ تي وڏو سواليا نشان آهي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ گذريل رات صادق آباد ڀرسان موٽروي تي بس تي ٿيل حملي تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ بس تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ ويهه کان وڌيڪ بيگناهه شهرين کي اغوا ڪيو ويو، جيڪو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي. حليم عادل شيخ چيو ته پنجاب حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت مسلسل امن امان جا دعويٰ ڪندي اچي رهيون آهن، پر زميني حقيقتون بلڪل ان جي ابتڙ آهن. سنڌ ۾ به امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اهي عنصر سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن ۾ ويٺل سرپرستي حاصل ڪري رهيا آهن. ڪچي جا علائقا نو گو ايريا بڻجي چڪا آهن ۽ اتي قانون جي بالادستي نالي ماتر به باقي ناهي رهي. سڀني شهرين کي فوري ۽ محفوظ نموني بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.