يارهين مالياتي ايوارڊ لاءِ 8 ڪميٽيون ۽ ورڪنگ گروپ جوڙيا ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت 11هين قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ لاءِ 8 ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب اين ايف سي سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي ڪم ڪندڙ گروپ ٺاھيا ويا آهن. صوبائي اختيارن جي خرچن بابت سفارشون ڏيڻ لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي سربراهي پنجاب جو ناڻي وارو وزير ڪندو. مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جو تناسب طئي ڪرڻ لاءِ پڻ گروپ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي سربراهي بلوچستان جو ناڻي وارو وزير ڪندو. قومي قرضن جي ساخت ۽ استعمال لاءِ پڻ هڪ ڪم ڪندڙ گروپ ٺاهيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ گروپ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو سربراهه خيبر پختون نخوا جو ناڻي وارو وزير آهي. . ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته صوبن کي وسيلن جي سڌي منتقلي بابت پڻ هڪ ڪم ڪندڙ گروپ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي سربراهي سنڌ جو ناڻي وارو وزير ڪندو. اين ايف سي بابت ٻيو اجلاس ايندڙ مهيني جنوري جي وچ تائين ٿيڻ جي اميد آهي، ۽ ڪم ڪندڙ گروپ پنهنجي دائري ۾ مختلف معاملن تي سفارشون تيار ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.