هونئن ته سڄي سنڌ ناقص حڪومتي ڪارڪردگي جو آئينو بڻيل آهي پر حيرت آهي ته پ پ جي سنڌ حڪومت ڪراچي جهڙي عالمي شهر کي به پنهنجي خراب ڪارڪردگي سان ننڍن شهرن جهڙو کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي. ڪراچي کي ڏسي ته هاڻي واقعي به روئڻ ٿو اچي. ڪراچي جا يقينن تمام وڏا انتظامي مسئلا آهن پر جيڪي مسئلا عالم آشڪار آهن جن کي ڏسي ڪري خراب حڪومتي ڪارڪردگي جو چهرو نظر ايندو آهي سو آهي ڪراچيءَ جا ڀڳل ٽٽل روڊ جن هن انٽرنيشنل شهر کي تباهه ڇڏيو آهي. هن وقت ڪراچي ٻن وڏن سببن ڪري کنڊر جو ڏيک ڏئي رهي آهي. هڪ ڪراچي ۾ وڏن روڊن، فلاءِ اوورز، انڊر پاسن جي ڊگهن ۽ هڪ ئي وقت شروع ڪيل ترقياتي منصوبن ڪري اڪثر اهم روڊ جهڙوڪ يونيورسٽي روڊ ڪراچي، منور، چورنگي روڊ تي قائم ٿيندڙ انڊر پاس ۽ ملير ڪينٽ جو روڊ وغيره شامل آهن جيڪي هڪئي وقت کوٽجڻ ڪري هر وقت ٽريفڪ جام ٿي رهي ۽ انهن ڀڳل روڊن ڪري هر وقت ڌوڙ اڏامي رهي آهي. ايئن شهر جا اندر جا روڊ پڻ ڀڳا ٽٽا پيا آهن، مٿان وري چوماسي جي برساتن باقي ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي. ڪراچيءَ ۾ ڀٽائي آباد کان پهلوان ڳوٺ وارو انتهائي مصروف روڊ مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ان روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن وري انهن روڊن تي گٽرن جو پاڻي تلاءُ بڻجي بيهي رهيو آهي جنهن سبب اهي کڏا هاڻي گاڏي ڊرائيورن کي نظر به ناهن ايندا جنهن ڪري سندن گاڏيون موٽر سائيڪلون ۽ رڪشائون انهن کڏن ۾ ڦاسي پونديون آهن. پر مجال جو مقامي انتظاميا يوسيز جي سطح جون اختياريون ان جو نوٽيس وٺن.
اهڙي صورتحال ڪراچي جي هر هڪ علائقي جي روڊن جي آهي پر حيرت ان ڳالهه جي آهي ته انهن جو نه سنڌ حڪومت نه سنڌ جو وڏو وزير، نه ئي ڪراچي جو ميئر ڪو نوٽيس وٺي فوري طور هنگامي بنيادن تي انهن جي مرمت جو ڪو بندوبست ڪرائي رهيو آهي. باوجود ان جي ته ڪراچي جي روڊن جي اها خراب حالت جيڪا ڪنهن کان به لڪيل ناهي ۽ هر ماڻهو روز انهن ڀڳل ٽٽل روڊن تان گذرندي حڪمرانن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهي ٿو تنهن معاملي تي جيڪر سنڌ حڪومت غيرت جو مسئلو سمجهي ۽ پنهنجي ان ناقص ڪارڪردگي تي جيڪر فوري طور تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري پر سوال اهو آهي ته حڪومت ان معاملي کي غيرت جو مسئلو سمجهي به ٿي يا نه. اسان کي ته بظاهر اهو نٿو لڳي ته حڪومت ان معاملي تي سنجيده آهي ۽ اها ڀڳل ٽٽل روڊن کي نه ڏسي سگهندي هجي. پاڻ کي ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ حڪومت لاءِ ڪراچي جا هي ڀڳل ٽٽل روڊ ۽ عوام جي سفري تڪليفن جو ڪو اونو ئي ناهي ۽ نه ئي ترجيح آهي.
سوال اهو آهي ته ائين ڇو آهي، سٺي حڪومت سنڌ سرڪار جي ترجيح ڇو ناهي، عوامي سطح تي مسئلن کي ڇو نه ٿو ڏٺو وڃي. ان موضوع تي اسان ڪافي ايڊيٽوريل به لکيا آهن ۽ حڪومت کي اڄوڪي ايڊيٽوريل وانگر وقت به وقت ياد به ڏياريندا رهيا آهيون پر مجال آهي جو ان پاسي ڌيان ڏنو وڃي. سو اهو ته طئي آهي ته موجوده سنڌ حڪومت جو گڊ گورننس قائم ڪرڻ جو ڪو آدرش ئي نظر نٿو اچي جنهن تي جيترو افسوس ۽ اچرج ڪجي اوترو گهٽ آهي. جڏهن ته پنهنجو خيال اهو هو ته جيئن ته پ پ کي وڏي عرصي کان پوءِ ڪراچي جي ميئرشپ يعني ڪراچي شهر جون انتظامي واڳون هٿ آيون آهن ته پ پ ان کي شايد سونهري موقعو سمجهندي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري اهو ثابت ڪندي ڪراچي کي پ پ کان بهتر نموني ڪير به نٿو هلائي سگهي، ايئن اها هتي پنهنجا نوان ووٽر پيدا ڪندي ۽ ڪراچي جي ماڻهن جون دليون کٽي ڏيکاريندي پر لڳي ٿو ته اهو صرف پنهنجو خيال هو، پ پ جو ان پاسي ڪو ڌيان ئي ناهي. ان وٽ اهڙو ڪو آدرش ئي ناهي تنهن ڪري جنهن سبب ان پاڻ کي حڪومتي طور تي بدنام به ڪيو آهي ۽ جڳ کي کلايو به آهي.
اسان به ان حوالي سان هڪ ايڊيٽوريل لکيو هو ته جيڪا حڪومت گٽرن کي ڍڪ ڏئي نه سگهي سا ڪهڙي حڪومت؟ پر ڏسجي ته پ پ جي حڪومت جو ڌيان وڏن پراجيڪٽن تي وڌيڪ رهيو آهي جن ۾ عالمي ملڪ، ادارا ۽ ڪمپنيون ملوث هونديون آهن ۽ جن تي وڏي سيڙپ ڪاري ٿيل هوندي آهي. هڪڙي لحاظ کان ڏسجي ته اها سٺي ڳالهه آهي ته پ پ جي حڪومت ڊگهن منصوبن تي ڌيان ڏئي ٿي پر ان جي سڃاڻپ جيئن ته عوامي آهي ته ان حساب سان اسان جي توقع آهي ته اها عوامي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪري ته سندس ناماچاري وڌي ويندي. پر افسوس ته پ پ پنهنجن سياسي ڳڙهن جهڙوڪ لاڙڪاڻو ۽ لياري کي ئي ماڊل سٽي نه بڻائي سگهي آهي ۽ هاڻي جيڪڏهن ان کي ڪراچي جو انتظام سنڀالڻ جو سونهري موقعو مليو آهي ته ان جو ڪو غير معمولي فائدو ماڻڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪري.
ان رويي ڪري پ پ جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي عوامي سطح تي انتهائي ناقص رهي آهي. باوجود ان جي ته پ پ جي شهري عوام ۾ ڪا خاص قبوليت به ناهي پر پوءِ به سنڌ حڪومت ان کي فوڪس ناهي ڪيو ۽ نه ئي ان طبقي کي پنهنجو بڻائڻ جي ڪا ڪوشش ڪري رهي آهي. سندن اهو لاتعلقي وارو رويو ڪراچي جي روڊن مان ئي ظاهر ٿي رهيو آهي جيڪي ڀڳل ٽٽل ۽ اڏامندڙ ڌوڙ سبب عوام لاءِ عذاب بڻيل آهن.