ڪراچي (رپورٽر) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي جو پاڻي چوري ڪري اسان کي ئي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ وڏا ماڻهو ملوث آهن، هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ پاڻي ناهي ته ٽينڪر مافيا ڇا افغانستان مان پاڻي کڻي اچي ٿي؟ هن چيو ته کير ڏيندڙ ڳئون کي گاهه ته کارايو، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته صحت واري شعبي ۾ ڪيترائي مسئلا هئا، جن مان ڪيترن کي حل ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيا، اهي ڪنهن جي مطالبي تي نه ڪرايا ويا. بطور ميئر، پنجن سالن ۾ 30 هزار ڪروڙ رپين جا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرايا، جيڪڏهن ڪو هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکاري ته مان مڃڻ لاءِ تيار آهيان، صحت جو وفاقي وزير بڻي ڇهه مهينا ٿي ويا آهن، وزارت سنڀالڻ بعد ڪيترن ئي نون تجربن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، منهنجي ميئرشپ واري دور جي جيڪا تعريف ٿي رهي آهي، اهي سڀ ڪم ڪنهن دٻاءَ يا مطالبي تي نه ٿيا، ميئرشپ ڇڏي 15 سال ٿي ويا آهن، 30 هزار ڪروڙ رپيا شهر تي خرچ ڪيا، دشمن به ڪرپشن جو الزام نٿو لڳائي سگهي. ماڻهن جو چوڻ هوندو آهي ته ڪم ته ڪيا، شايد پئسا به ٺاهيا هوندا، پر مون پنهنجي ٻارن کي هڪ گرهه به حرام جو نه کارايو، منهنجي آڏو وزارت جي اهيمت ناهي پر مون ڪا به ڪرپشن ناهي، آءِ ايم ايف ملڪ کي معاشي بدحالي مان نٿو ڪڍي سگهي، پر ڪراچي ڪڍي سگهي ٿو، هن ٻيهر چيو ته کير ڏيندڙ ڳئون کي گاهه کارايو، سڀئي چون ٿا ته ڪراچي کي ٺيڪ ڪنداسين، پر اهو ڪو به نٿو ٻڌائي ته ڪڏهن.