شڪارپور ۾ گٽرن کي ڍڪ نه لڳا، ساڳي کليل گٽر ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙو ڪري پيو

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور جي لاڙائي پاڙي ۾ کليل گٽرن تي ڍڪ نه لڳا، ساڳئي گٽر ۾ وڌيڪ ھڪ ٻاروڙو ڪري پيو، علائقي واسين نينگر جي دانھن تي گٽر مان ڪڍي بچائي ورتو، شھر جي ڪڙي نواب خان واري علائقي ۾ چوٿين ڪلاس جو شاگرد 8 سالن جو ابرار احمد اسڪول کان موڪل بعد گھر وڃي رھيو ھو ته روڊ ڀرسان کليل گٽر ۾ ڪري زخمي ٿي پيو، کليل گٽر ۾ ڪرڻ سبب نينگر جي ٻانھن ۽ جسم تي ڌڪ لڳا، معصوم ٻار جي دانھن تي علائقي واسين نينگر کي گٽر مان ڪڍي بچائي ورتو، علائقي واسين دانھيندي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جي چئيرمين فياض محمود شيخ جي نااھلي ڪري ساڳي گٽر ۾ ٻيو ٻارڙو ڪري زخمي ٿيو، سي ايم او عابد لطيف راڄپوت آگاھي باوجود علائقي جا کليل گٽر بند ناھن ڪيا جنھن ڪري گٽرن ۾ ٻارڙن جو ڪرڻ معمول بڻيل آھي، هنن چيو ته ظلم آھي ڪراچي واقعي کان پوءِ به مڪاني ادارن پنهنجي ڪارڪردگي بھتر ناھي ڪئي، ميڊيا جي نشاندهي باجود انتظاميا اڃا تائين تحرڪ ناھي ورتو جيڪڏھن گٽرن مٿان ڍڪ نه ڏنا ويا ته نقصان جو زميوار سي ايم او ۽ چئيرمين ھوندو، ھوڏانھن ان سلسلي ۾ سي ايم او سان رابطو ڪيو ويو جنھن سان رابطو نه ٿي سگھيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.