ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي پوليس جي افسرن پاران برآمد ڪيل 28 ڪروڙ رپين ماليت جي منشيات صرف 5 ڪروڙ روپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، ڊي ايس پي ۽ سب انسپيڪٽر کي معطل ڪيو ويو، جنهن تي صوبائي گهرو وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ذريعن موجب، ڪراچي پوليس جي اسپيشل انويستيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) وڏي ڪارروائي ڪندي 28 ڪروڙ روپين ماليت جي منشيات برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، پر بعد ۾ خبر پئي ته اها ئي منشيات مبينا طور تي منشيات وڪرو ڪندڙن حوالي ڪئي وئي هئي، ذريعن موجب سب انسپيڪٽر اعجاز بٽ ۽ ڪانسٽيبل رحمت تي الزام آهي ته انهن 508 ڪلو چرس ۽ آئس منشيات منشيات فروشن کيوڪرو ڪئي، صوبائي گهرو وزير معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جاچ لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جڏهن ته ڊي ايس پي واصف قريشي ۽ سب انسپيڪٽر اعجاز بٽ کي معطل ڪيو ويو آهي، عملدارن موجب انڪوائري دوران وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار به گرفتاري جي خطري ۾ آهن، مڪمل جاچ جاري آهي۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي پڪڙيل منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ ڊي ايس پي واصف قريشي ۽ سب انسپيڪٽر اعجاز بٽ کي معطل ڪيو ويو آهي، ڪراچي پوليس ذريعن موجب ڊي ايس پي ۽ سب انسپيڪٽر جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، واصف قريشي ۽ اعجاز بٽ مٿان پڪڙيل منشيات وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي، منشيات پڪڙجڻ تي پهرين ڊسمبر تي ٻن صوبائي وزيرن ۽ ڪراچي پوليس پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي هئي.